پاڪستان ۾ شعبان جي چنڊ بابت اڳڪٿي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪلائميٽ ڊيٽا پروسيسنگ سينٽر ملڪ ۾ شعبان جو چنڊ نظر اچڻ بابت اڳڪٿي ڪري ڇڏي.
ڪلائميٽ ڊيٽا پروسيسنگ سينٽر موجب شعبان جي چنڊ جي پيدائش 29 جنوري جي شام 5 لڳي 30 منٽن تي ٿيندي ۽ چنڊ 30 جنوري خميس تي نظر اچڻ جو امڪان آهي.
ان دوران آسمان ڪٿي صاف ته ڪٿي ڪڪر ڇانيل رهڻ جو امڪان آهي.
ڊيٽا سينٽر جو چوڻ آهي ته سج لٿي مهل چنڊ جي عمر 25 ڪلاڪ 4 منٽ هوندي ۽ چنڊ نظر اچڻ جو دورانيو سج لٿي کانپوءِ 57 منٽن تائين رهڻ جو امڪان آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.