لاهور (ويب ڊيسڪ) آل رائونڊر خوشدل شاهه به ٽه ملڪي سيريز ۽ چيمپيئنز ٽرافي لاءِ پاڪستاني اسڪواڊ ۾ شموليت جي ڊوڙ ۾ شامل ٿي ويو .
ذريعن موجب، خوشدل شاهه جي موجوده ڪارڪردگي کي نظر ۾ رکندي چيمپيئنز ٽرافي اسڪواڊ لاءِ سندس نالي تي غور ويچار ڪيو پيو وڃي.
خوشدل شاهه بنگلاديس پريميئر ليگ دوران ڀرپور آل رائونڊر پرفارمنس جو مظاهرو ڪري رهيو آهي ۽ هن 9 ميچن جي ست اننگز ۾ 72 جي ايوريج ۽ 189.47 جي اسٽرائيڪ ريٽ سان 288 رنسون ٺاهيون آهن ۽ بالنگ ڪندي هن 14 وڪيٽون وٺي چڪو آهي.
ياد رهي ته خوشدل شاهه 27 ٽي ٽوئنٽي ۽ 10 ون ڊي ميچن ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪري چڪو آهي، هن آخري ون ڊي ميچ آگسٽ 2022 ۾ نيڌرلينڊ خلاف کيڏي هئي.
Prev Post
You might also like