اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) بئنچز اختيارن واري ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ جي ايڊيشنل رجسٽرار خلاف توهينِ عدالت ڪيس جو فيصلو محفوظ ڪيو ويو آهي.
سپريم ڪورٽ جي ٻه رڪني بئنچ بئنچز اختيارن وارو ڪيس ٻڌڻي لاءِ مقرر نه ڪرڻ تي ايڊيشنل رجسٽرار خلاف توهين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.
ٻڌڻي دوران جسٽس منصور علي شاهه چيو ته سندن آڏو بنيادي سوال اِهوآهي ته جڊيشل آرڊر جي موجودگيءَ ۾ ججز ڪميٽي ڪيس واپس وٺي سگهي ٿي؟ ڇا جڊيشل آرڊر کي انتظامي آرڊر ۾ تبديل نٿو ڪري سگهجي؟ ان تي عدالتي مددگار وڪيل حامد خان چيو ته انتظامي آرڊر سان عدالتي حڪمنامو تبديل نٿو ٿي سگهي.
ان کانپوءِ سپريم ڪورٽ توهينِ عدالت ڪيس ۾ فيصلو محفوظ ڪري ورتو جيڪو بعد ۾ ٻڌايو ويندو.
بئنچز اختيارن تي سپريم ڪورٽ جي ايڊيشنل رجسٽرار خلاف توهين عدالت ڪيس جو فيصلو محفوظ
You might also like