اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني چيئرمين عمران خان حڪومت سان جاري ڳالهيون ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته پي ٽي آءِ باني اڄ جيل ۾ ڳالهيون ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو.
بئريسٽر گوهر چيو ته حڪومت کي 7 ڏينهن ۾ ڪميشن جوڙڻو هو، پر اڃا تائين حڪومت طرفان 9 مئي ۽ 26 نومبر تي جڊيشل ڪميشن نه جوڙي وئي آهي، تنهنڪري ڳالهيون ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري رهيا آهيون.
پي ٽي آءِ چيئرمين چيو ته اڄ باني پي ٽي آءِ سان منهنجي ۽ ٻين وڪيلن جي ملاقات ٿي، هن واضح ڪيو ته ڪميشن نه ٺاهيو ويو آهي، تنهنڪري ڳالهيون ختم ڪري رهيا آهيون، پي ٽي آءِ چيئرمين چيو ته ڳالهين جا وڌيڪ رائونڊ نه ٿيندا.
بئريسٽر گوهر چيو ته اسان جي وڏي خواهش هئي ته ڳالهيون جاري رهن ۽ معاملا اڳتي وڌن، پر افسوس آهي ته حڪومت طرفان اڄ تائين ڪو به اعلان ناهي ڪيو ويو.
هن چيو ته جيڪڏهن ڪميشن جوڙڻو آهي ته ميمبر سپريم ڪورٽ يا هاءِ ڪورٽ جي 3 سينيئر ججن مان هئڻ گهرجن، اسان آئين ۽ قانون پٽاندڙ پنهنجي جدوجهد جاري رکنداسين، آزاد عدليه ۽ 26 هين ترميم خلاف ڪوشش ڪنداسين.
بئريسٽر گوهر وڌيڪ چيو ته پي ٽي آءِ باني چئي چڪو آهي ته اسان کي ڪنهن به پرڏيهي مدد جو انتظار ناهي، سڀني سياسي جماعتن سان گڏجي جدوجهد شروع ڪنداسين.
You might also like