مزاحمتي صحافت کي هٿي ڏيندڙ ڀائو زلف پيرزادو جي آچر تي پهرين ورسي

حيدرآباد(رپورٽر) سنڌ جي سرموڙ صحافي، يگاني ڪردار ۽ مزاحمتي صحافت کي هٿي ڏيندڙ عوامي آواز جي ڊپٽي ايڊيٽر زلف پيرزادو جي پهرين ورسي جي موقعي تي عوامي آواز ميڊيا گروپ پاران 26 جنوري آچر تي منجهند جو 3 وڳي حيدرآباد پريس ڪلب ۾ تقريب منعقد ڪئي ويندي. جنهن ۾ سنڌ جي مختلف شهرن سان تعلق رکندڙ صحافي، اديب، ليکڪ، سياسي ڪارڪن ۽ ساڃاهه وند شرڪت ڪندا، ترقي پسند، روشن خيال، وطن دوست ۽ آدرشي صحافت کي زندگي ارپيندڙ نامياري صحافي زلف پيرزادو کي لفظن جي ڀيٽا پيش ڪندا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.