سکر(رپورٽ: رستم انڍڙ) سکر ۾ ٻه ڏينهن اڳ گرفتار جوابدار فرار ٿي ويو، سبزي منڊي ڀرسان ڪارروائي ڪري وڏي مقدار ۾ ايراني ڊيزل ۽ پئٽرول هٿ ڪري جوابدار علي گوهر مهر کي گرفتار ڪيو ويو هو، جوابدار ڪيس داخل ٿيڻ کان اڳ ئي حراست مان فرار ٿي ويو، ڪسٽم انتظاميا موجب ڇاپي دوران 11هزار ليٽر تيل هٿ ڪيو ويو هو، جنهن جي ماليت 22 لک رپيا آهي، ڪسٽم جي قانون مطابق 50 لک روپين کان مٿي ماليت واري شئي جو ڪيس داخل ڪيو ويندو آهي، تيل جو مقدار گهٽ هجڻ ڪري ڪيس داخل ناهي ڪيو، جوابدار اسان جي حراست مان نه پر پوليس جي حراست مان فرار ٿي ويو آهي، پوليس موجب، ايراني تيل بابت ڪيس داخل ڪرڻ جو اختيار ڪسٽم وٽ آهي، جوابدار ۽ تيل ڪسٽم حوالي ئي ڪيو ويو هو، جوابدار جي فرار ٿيڻ جي اسان کي ڄاڻ ناهي.