ڪراچي (رپورٽر ) پاڪستان هيومن رائيٽس ڪميشن پنهنجي هڪ رپورٽ ۾ تصديق ڪئي آهي ته هندو برادري اتر سنڌ مان لڏپلاڻ ڪري رهي آهي ۽ انهن مان اڪثريت هندستان ڏانهن وڃي رهي آهي. ڇا هندو برادري سنڌ ڇڏي رهي آهي؟ جي عنوان سان فيڪٽ فائڊنگ رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته اغوا، ڀتا خوري، بدامني، جبري مذهب مٽائڻ جا واقعا ۽ ڪاروبار کي نقصان ان لڏپلاڻ جا سبب آهن. هيومن رائٽس ڪميشن آف پاڪستان (ايڇ آر سي پي) پاران ڇا هندو برادري سنڌ ڇڏي رهي آهي؟، جي مسئلي تي هڪ ڪتابچي جي مهورت ايڇ آر سي پي آفيس ۾ ڪئي وئي. ان موقعي تي انساني حقن جي ڪميشن جي سربراهه اقبال بٽ چيو ته هڪ ڪمزور اقليت جي حفاظت نه ڪرڻ ۽ انهن جي ملڪ کان ٻاهر لڏ پلاڻ مان رياست جي ناڪامي ظاهر ٿئي ٿي، جنھن تحت ڪيترائي ھندو خاندان لڏ پلاڻ تي مجبور بڻيل آھن. انساني حقن جي ڪميشن پنهنجي تازي رپورٽ ۾ معاشرتي، معاشي ۽ سيڪيورٽي مسئلن کي هندو برادري جي لڏپلاڻ جا بنيادي عمل قرار ڏيندي چيو آهي ته سنڌ ۾ هندو برادري ڏهاڪن کان مختلف خطرن کي منهن ڏئي رهي آهي، جنهن ۾ ڀنگ لاءِ اغوا، مذهبي تشدد، جبري طور مذهبي تبديلي ۽ سماجي ۽ معاشي دٻاءُ شامل آهي، خاص طور تي سنڌ جي اترين علائقن جهڙوڪ جيڪب آباد، گهوٽڪي ۽ ڪشمور ۾ هندو واپارين ۽ زميندارن کي نشانو بڻايو ويندو آهي.رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته ڀنگ لاءِ اغوا جا واقعا هندو برادري ۾ خوف ۽ هراس پيدا ڪري رهيا آهن، ڌاڙيل مغوين جي آزادي لاءِ لکين رپيا ڀنگ وصول ڪندا آهن، جنهن سبب ڪيترائي ڪٽنب ڀارت يا ٻين علائقن ڏانهن لڏپلاڻ ڪري چڪا آهن، 2023 ۾ ڪشمور ۾ هندو برادري سان واسطو رکندڙ هڪ 9 ورهين جي ٻار سميت ٽن ڄڻن کي اغوا ڪيو ويو، جن جي آزادي لاءِ وڏو ڀنگ ادا ڪيو ويو.رپورٽ موجب سنڌ ۾ هندو نارين کي زبردستي مذهب مٽائي مسلمان مردن سان شادي تي مجبور ڪيو ويندو آهي، خاص طور تي گهوٽڪي اهڙن واقعن جو مرڪز رهيو آهي، ان صورتحال هندو خاندانن کي پنهنجي نياڻين جي حفاظت لاءِ لڏپلاڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي. طاقتور ماڻهن طرفان قرض جي عدم ادائيگي، واپارين تي غير منصفاڻا الزام ۽ ڪاروبار تي قبضي جهڙن عملن انهن جو جيئڻ جنجال بڻائي ڇڏيو آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو ته اڪثر هندو خاندان ڀارت ۾ پناهه وٺڻ کي ترجيح ڏيندا آهن، جتي اهي پنهنجي خاندان جي اڳ کان موجود ماڻهن وٽ منتقل ٿي ويندا آهن، ڀارتي شهرن جهڙوڪ اندور ۽ ناگپور ۾ اڳ کان موجود سماجي نيٽ ورڪ انهن کي نئين ماحول ۾ ايڊجسٽ ٿيڻ ۾ مدد فراهم ڪندو آهي.ايڇ آر سي پي پنهنجي رپورٽ ۾ سنڌ جي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي ناڪامين تي تنقيد جو نشانو بڻايو آهي، جيڪي هندو برادري کي تحفظ فراهم ڪرڻ ۾ ناڪام رهيا آهن. قبيلائي سردارن ۽ طاقتور ماڻهن جو اثر انصاف جي رستي ۾ وڏي رنڊڪ آهي.رپورٽ ۾ حڪومت کي مشورو ڏنو ويو آهي ته هندو برادري کي تحفظ فراهم ڪرڻ لاءِ فوري طور قدم کنيا وڃن، خاص طور پوليس يونٽس کي قائم ڪيو وڃي، جبري مذهبي تبديلين ۽ ننڍي عمر ۾ شادين خلاف سخت قانون لاڳو ڪيا وڃن، اقليتن لاءِ اقتصادي منصوبن، انفرا اسٽرڪچر جي بهتري ۽ سياسي نمائندگي کي هٿي ڏني وڃي. رپورٽ موجب سنڌ مان هندو برادري جي لڏپلاڻ رڳو هڪ اقليتي مسئلو ناهي پر پاڪستان جي سماجي نظام ۾ خرابين جي عڪاسي آهي، حڪومت کي فوري طور تي اهي مسئلا حل ڪرڻ جي ضرورت آهي، جيڪي اقليتن کي پنهنجي ئي وطن ۾ ويڳاڻو بڻائي رهيا آهن.