ڪوئيٽا ( م ڊ )بلوچستان جي ساحلي شهر گوادر جي عدالت بڪ اسٽال لڳائڻ جي الزام ۾ گرفتار چئن شاگردن کي ضمانت تي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.گرفتار ٿيل چئن شاگردن جي آزادي لاءِ جڊيشل مئجسٽريٽ ون جي عدالت ۾ ضمانت واري درخواست داخل ڪئي وئي جنهن تي عدالت کين 40 هزار رپين جي ذاتي مچلڪن تي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو.انهن شاگردن کي گذريل ڏينهن گوادر شهر ۾ ڍهوريا اسڪول ويجهو گرفتار ڪيو ويو هو، جڏهن ته پوليس اسٽال تي رکيل ڪتاب به هٿ ڪيا هئا.گرفتار ٿيل چئن شاگردن ۾ نوروز بلوچ، حنيف بلوچ، شهريار ۽ چاڪر بلوچ شامل آهن. سندس خلاف پاڪستان پينل ڪوڊ جي قلم 149، 147، 188 ۽ 153 بي تحت ڪيس داخل ڪيو ويو هو. ايف آءِ آر ۾ چيو ويو آهي ته بلوچ اسٽوڊنٽس ايڪشن ڪميٽي جا شاگرد ٻين شاگردن کي سياسي سرگرمين ۾ حصو وٺڻ، امن امان جي صورتحال خراب ڪرڻ ۽ افراتفري پکيڙڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا.