اسلام آباد(اعزاز سيد)وزيراعظم شهبازشريف پنهنجي ڀاءُ نوازشريف جي کنيل فيصلن جي ابتڙ فيصلا ڪرڻ لڳو،نوازشريف جو اسٽيبلشمينٽ سان ايوي ايشن ڊويزن کي دفاع وزارت کان الڳ ڪرڻ تي سڀ کان پهرين اختلاف ٿيو هو، مشرف جي ٽرائل،راحيل شريف کي ايڪسٽينشن نه ڏيڻ،ٽوئيٽ،نريندر مودي جي حلف برداري تقريب ۾ شرڪت تان اختلاف ته بعد ۾ ٿيا،گذريل ڏينهن وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ ايوي ايشن ڊويزن کي دفاع وزارت جو ٻيهر حصو بڻائڻ جي ايجنڊا شامل هئي، ان معاملي تي واپار ۽ ناڻي وزارتن کي اعتراض هئا پر اجلاس ۾ ڪنهن به خدشو ظاهر نه ڪيو،ايوي ايشن دنيا ۾ ڪٿي به دفاع وزارت جي ماتحت ناهي هوندي،هتي اها توجيهه پيش ڪئي وڃي ٿي ته اوڀر پاڪستان کان فوجين کي پي آءِ اي کڻي آئي هئي ان ڪري ايوي ايشن کي دفاع وزارت جو حصو بڻايو وڃي،اي ايس ايف ۽ سول ايوي ايشن ۾ ميجرجنرلن ۽ برگيڊيئرن جي هڪ فوج ڀرتي ڪيل آهي،بس مٿي رڳو هڪ سويلين چهرو مواصلات وارو وزير ويٺل آهي،ايوي ايشن جو ڪم ڪمرشل فلائيٽون هلائڻ آهي،اتي توهان جنرل،بريگيڊيئر ۽ ڪرنل ويهاري ڇڏيا آهن.