ڪراچي سنڌ آهي،ڪنھن جي به دعويٰ قبول نه ڪنداسين: اختر مينگل

ڪراچي اوڀر ( ن ع آ ) بي اين پي سرواڻ  سردار اخترجان مينگل سان جسقم اڳواڻ الاهي بخش بڪڪ آمريڪا کان آيل قوم پرست اڳواڻ زبير ڀنڀرو سردار اختر جان مينگل جي وڏي ڀاءَ سردار ظفرالله مينگل جي لاڏاڻي تي مينگل هائوس تي تعزيت ڪئي،  ان موقعي تي سردار اختر جان مينگل چيو ته سنڌين بلوچن جا مسئلا ۽ دشمن ساڳيا آهن،  اسان جا وسيلا اسان جا سمنڊ اسان جو زمينون تيل گيس سون کڻي وڃن ٿا، جڏهن اسانجا نوجوان احتجاج ڪن ٿا ته انهن کڻي کنڀي انهن جا  لاش ڏنا ٿا وڃن اسان سنڌي ۽ بلوچ گڏيل جدوجھد سان ئي پنھنجن وسيلن جي مالڪي ڪري سگھون ٿا،  اسان سائين جي ايم سيد،  سردار عطاءَ الله مينگل کان شھيد بشيرخان قريشي تائين هميشه جدوجھد ڪئي آهي،  ڪراچي سنڌ آهي سنڌين جي آهي ان تي ڪنھن جي به دعوا قبول ڪونه ڪنداسين، ماهه رنگ بلوچ جي بيان سان جيڪي غلط فھميون پيدا ٿيون اهي غلط آهن، ماهه رنگ بلوچ جا ماڻھو ڪراچي مان گرفتار ٿيا انھن جي عورتن جي ڪراچي پوليس تذليل ڪئي، جنھن ڪري اهي الفاظ چئي ويئي، لکين بلوچ ڪراچي سميت سنڌ جي ٻين شهرن  ۾ رهن ٿا اهي سنڌي آهن،  اسين سنڌي سڀ هڪ جان جسم آهيون، سوشل ميڊيا تي سنڌين بلوچن خلاف جيڪي ڪجهھ ٿي رهيو آهي اهي نه سنڌين جا سڄڻ آهن نه ئي بلوچن جا سڄڻ آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.