سپريم ڪورٽ ايڊيشنل رجسٽرار جڊيشل کي عهدي تان هٽائي ڇڏيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ايڊيشنل رجسٽرار جڊيشل نذر عباس کي عهدي تان هٽائي ڇڏيو.
سپريم ڪورٽ طرفان ايڊيشنل رجسٽرار جڊيشل کي عهدي تان هٽائڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي.
پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته ايڊيشنل رجسٽرار نذر عباس سنگين غلطي جو ذميوار نڪتو، سپريم ڪورٽ رجسٽرار کي معاملو ڏسڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.
پڌرائي موجب ايڊيشنل رجسٽرار جڊيشل آئيني بينچ جو ڪيس غلطي سان ريگولر بينچ سامهون ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪيو، نتيجي ۾ سپريم ڪورٽ ۽ ڌرين جو وقت ۽ وسيلا ضايع ٿيا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.