چيمپيئنز ٽرافي: گنگولي پنهنجي فيورٽ ٽيم جو نالو ٻڌائي ڇڏيو

ڪولڪتا (ويب ڊيسڪ) ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان سارو گنگولي چيمپيئنز ٽرافي 2025 ۾ ڀارت کي پنهنجي فيورٽ ٽيم قرار ڏئي ڇڏيو.
هڪ بيان ۾ سارو گنگولي چيو ته گذريل ون ڊي ورلڊ ڪپ ۽ ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ جي ڪارڪردگي کي نظر ۾ رکندي ڀارت کي چيمپيئنز ٽرافي جو مضبوط اميدوار قرار ڏئي سگهجي ٿو.
اڳوڻي ڀارتي ڪپتان پنهنجي ٽيم جي ريڊ بال پرفارمنس ۽ مسئلن تي روشني وڌي ۽ ان ڳالهه تي زور ڏنو ته وائيٽ بال ڪرڪيٽ ۾ ڀارت هڪ مضبوط ٽيم آهي.
هن چيو ته ريڊ بال ۾ ٽيم کي ڪم ڪرڻو پوندو، خاص طور تي پرڏيهي دورن کان اڳ ڀرپور تياري ڪرڻ گهرجي.
سارو گنگولي وڌيڪ چيو ته وائيٽ بال ڪرڪيٽ ۾ روهت زبردست آهي، چيمپيئنز ٽرافي شروع ٿيڻ کانپوءِ اوهان کي مختلف روهت شرما ڏسندئو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.