ممبئي (ويب ڊيسڪ ) اداڪارا ڪرينا ڪپور پنهنجي گهر جون وڊيوز ٺاهيندڙ پاپارازي (فوٽو گرافرز ) تي ڪڙڪي پئي.
پرڏيهي ميڊيا موجب، ڪرينا ڪپور پاپارازي کي چيو ته ”خدا جي واسطي اسان کي اڪيلو ڇڏي ڏيو“ پر بعد ۾ هن پنهنجي اسٽوري ڊليٽ ڪري ڇڏي.
ڪرينا ڪپور خان انسٽاگرام تي هڪ اسٽوري شيئر ڪئي هئي جنهن ۾ ٻارن واري گاڏي سندس گهر پهچائي وئي هئي، پوسٽ جي ڪيپشن ۾ لکيو ويو ته ” تيمور ۽ جهانگير لاءِ نوان رانديڪا آيا آهن.“
ان وڊيو تي اداڪارا تپي باهه ٿي وئي ۽ هن لکيو ته ” هاڻي هي بند ڪيو، اوهان ماڻهن وٽ دل ناهي ڇا؟ خدا جي واسطي اسان کي اڪيلو ڇڏي ڏيو.“
ياد رهي ته بالي ووڊ اداڪار سيف علي خان ڪجهه ڏينهن اڳ گهر ۾ ڌاڙي جي واردات دوران مزاحمت ڪرڻ تي زخمي ٿي پيو هو، سندس ممبئي جي ليلاوتي اسپتال ۾ علاج هلندڙ آهي.
You might also like