پشاور (ويب ڊيسڪ) خيبر پختونخواهه جي گورنر کان اختيار وٺي وڏو وزير علي امين گنڊاپور يونيورسٽين جو چانسلر بڻجي ويو.
ڪجهه ڏينهن اڳ ڪي پي اسيمبلي يونيورسٽيز ترميمي بل 2024 پاس ڪري گورنر کي منظوري لاءِ موڪليو هو پر گورنر اعتراض لڳائي واپس ڪري ڇڏيو هو.
اڄ اسيمبلي سيڪريٽريٽ خيبر پختونخواهه يونيورسٽيز ترميمي بل 2024 باقاعده قانون بڻجڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو، جنهن تحت خيبر پختونخواهه ۾ يونيورسٽين جو چانسر هاڻ وڏو وزير هوندو.
ان کان اڳ گورنر سڀني يونيورسٽين جو چانسلر هو ۽ ايڪٽ کانپوءِ اهي اختيار وڏي وزير کي منتقل ٿي ويا.
بل تحت هاڻ وڏي وزير کي اختيار هوندو ته هو اڪيڊمڪ سرچ ڪميٽي جي تجويز ڪيل ٽن نالن مان ڪنهن هڪ کي وائس چانسلر مقرر ڪري.
You might also like