فرانسسڪو سان مارٽن پاڻ ماري ڇڏيو، هالي ووڊ ۾ ٿرٿلو

نيويارڪ( ويب ڊيسڪ) مشهور آمريڪي اداڪار فرانسسڪو سان مارٽن لاس ايجنلس ۾ آپگهات ڪري ڇڏيو.
لاس اينجلس ڪائونٽس ڪورنر آفيس تصديق ڪئي ته فرانسسڪو سان مارٽن 16 جنوري تي لاس اينجلس ۾ پنهنجي گهر ۾ آپگهات ڪيو، اداڪار جي موت جي خبر هالي ووڊ ۾ ٿرٿلو مچائي ڇڏيو آهي.
فرانسسڪو سان مارٽن پنهنجي ڪيريئر جي شروعات چائلڊ آرٽسٽ طور ٿيٽر اداڪاري سان ڪئي، هن ننڍي عمر ۾ ميڊرڊ ۾ ماڊلنگ ۽ اداڪاري جي سکيا ورتي ۽ گريجويشن کانپوءِ اسپين ۾ اسٽيج ٽي وي ۽ فلمي پروڊڪشن ۾ نظر آيو.
ياد رهي ته 39 سالن جي فرانسسڪو سان مارٽن مشهور ٽي وي ڊرامي ” ڊيز آف اوور لائيف “ پنهنجي ڪردار ذريعي شهرت ماڻي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.