اسلام آباد )ويب ڊيسڪ) موريطانيه ۾ بچي ويل پاڪستانين انڪشاف ڪيو آهي ته کين ڀنگ عيوض ڇڏيو ويو آهي.
مراڪش ٻيڙي حادثي جي جاچ ڪميٽيءَ آڏو شروعاتي بيان ۾ ڇرڪائيندڙ انڪشاف سامهون آيا آهن، جن ۾ بچي ويل پاڪستاني مسافرن ڀنگ وٺي ڇڏڻ جو انڪشاف ڪيو آهي.
هنن ٻڌايو ته سينيگال، موريطانيه ۽ مراڪش جي انساني سمگلرن ماڻهن تي تشدد ڪيو ۽ چئن ٻارن کي جيڪي بک ۽ اڄ وگهي فوت ٿي ويا هئا، انهن جي مٿي ۽ منهن تي هٿوڙي جا وار ڪري سمنڊ ۾ ڦٽو ڪري ڇڏيو.
بيان موجب، انساني سمگلرن ٻيڙي کي کليل سمنڊ ۾ بيهاريو ۽ ڀنگ جو مطالبو ڪيو، جنهن کانپوءِ 21 پاڪستانين کي ڀنگ عيوض ڇڏيو ويو .
ڪميٽي کي اهو پڻ ٻڌايو ويو ته ٻيڙي ۾ سوار ماڻهن کي کاڌي پيتي جي شين جي شديد کوٽ جو منهن ڏسڻو پيو، ٻيڙي بين الاقوامي انساني سمگلنگ نيٽ ورڪ جي نگراني ۾ هئي، جنهن ۾ سينيگال، موريطانيه ۽ مراڪش جا انساني سمگلر شامل هئا، جڏهن ته ٻيڙي ۾ سوار گهڻا ماڻهو تشدد، بک، اُڃ ۽ سخت سيءَ سبب فوت ٿي ويا.
ياد رهي ته 16 ڊسمبر تي موريطانيه کان اسپين لاءِ رواني ٿيل ٻيڙي حادثي جو شڪار ٿي وئي هئي، جنهن ۾ 44 پاڪستاني سميت 50 غير قانوني پناهگير اجل جو شڪار ٿي ويا هئا.
You might also like