گوادر هوائي اڏي خلاف محاذ آرائي ڪندڙ ملڪ دشمن آهن: وزيراعظم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف گوادر پورٽ جي خلاف محاذ آرائي پاڪستان دشمني قرار ڏئي ڇڏيو آهي.
وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ خيالن جو اظهار ڪندي وزيراعظم چيو ته غزا ۾ تمام گهڻي رتوڇاڻ کانپوءِ جنگبندي ٿي، جتي 50 هزار کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ڪيا ويا.
وزيراعظم چيو ته غزا ۾ شهيد ٿيلن ۾ گھڻي ڀاڱي عورتون ۽ ٻار شامل آهن، پاڪستان غزا ۾ بحالي واري عمل لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو.
ملڪي حالتن تي ڳالهائيندي شهباز شريف چيو ته گوادر ايئرپورٽ جو فعال ٿيڻ سٺو سنئوڻ آهي.
هن منصوبي تي چين 230 ملين ڊالر جي سيڙپڪاري ڪئي آهي، گوادر پورٽ کي ناڪام بڻائڻ لاءِ قتل، دهشتگردي ۽ محاذ آرائي پاڪستان دشمني کان سواءِ ڪجهه به نه آهي.
وزيراعظم وڌيڪ چيو ته فتنه الخوارج خلاف ڪوششون جاري آهن. سيڪيورٽي فورسز جا جوان اسان جي مستقبل ۽ امن لاءِ عظيم قربانيون ڏئي رهيا آهن، ۽ پوري قوم کي انهن قربانين تي احسان مند هجڻ گهرجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.