اسلام آباد(عمران وسيم+اسد علي طور)26هين ترميم کانپوءِ سپريم ڪورٽ ۾ ججن ۾ ڌڙابندي برقرار آهي،چيف جسٽس يحيٰ آفريدي سينئر ترين جج جسٽس منصور علي شاهه سان اختلاف ختم ڪرڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي،هن کيس ٻن ٽن ڪميٽين جو سربراهه به بڻايو پر هاڻي وري اختلاف شروع ٿيڻ جا چئوٻول آهن،جسٽس منصور علي شاهه 26 هين ترميم سان جڙيل هڪ معاملو ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪيو پر اهو ڪيس ٻڌڻي لاءِ نه رکيو ويو،رجسٽرار سپريم ڪورٽ کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪيو ويو آهي جڏهن ته چيف جسٽس نجي مصروفيتن سبب جمعي تائين موڪل تي هليو ويو آهي،26هين ترميم خلاف رمارڪس ڏيندڙ جسٽس منصور علي شاهه جو ٽه رڪني بئنچ ٽوڙي ٻه رڪني ڪيو ويو آهي ٻئي پاسي آل پاڪستان لايرز ايڪشن ڪميٽي جنهن ۾ منير اي ملڪ،فيصل صديقي،صلاح الدين احمد،علي احمد ڪرد جهڙا ناليوارا وڪيل شامل آهن هڪ پريس رليز جاري ڪئي آهي جنهن ۾ انهن چيف جسٽس يحيٰ آفريدي کي سندس حلف ياد ڏياريو آهي ۽ چيو آهي ته توهان جيڪو ڪري رهيا آهيو اهو سپريم ڪورٽ ۽ آئين کان غداري جي برابر آهي،جسٽس منصور علي شاهه جي بئنچ آڏو ڪيس هٽائڻ جي مذمت ڪريون ٿا،اسان جسٽس منصور علي شاهه سان گڏ آهيون، چيف جسٽس يحيٰ آفريدي ۽ جسٽس امين الدين خان جيڪا حرڪت ڪئي آهي ان تي اسان کي سخت ڳڻتي آهي،هنن چيو ته عدليه جي آزادي رڳو ججن جو استحقاق ناهي پر شهرين جو بنيادي حق به آهي،عدليه ڪجهه ماڻهن جي مفادن لاءِ ناهي،چيف جسٽس ڪنهن مفاد پرست گروهه جو آله ڪار نه بڻجي،تازا قدم سپريم ڪورٽ کي ڪنهن” اداري“ جو ماتحت بڻائڻ لاءِ آهن،هنن چيو ته اسان بلوچستان بار جي ان مطالبي جي حمايت ڪريون ٿا ته جسٽس منصور علي شاهه جي بئنچ آڏو هٽايل ڪيس واپس رکيو وڃي،سمورا جج آئيني گهرجن جو عزم ڪن،آئين جي بالادستي ۽ عدليه جي آزادي لاءِ جدوجهد جاري رهندي.