آمريڪا کي عظيم بڻائڻ جو اعلان، امن جو داعي ٿيڻ پسند ڪندس: ٽرمپ

واشنگٽن(م ڊ) نئين چونڊيل آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ آمريڪا جي 47 هين صدر طور حلف کڻي ورتو آهي، حلف برداري واري تقريب ۾ اڳوڻي صدر بل ڪلنٽن ۽ سندس زال هيلري ڪلنٽن، جارج بش ۽ سندس گهرواري ۽ بارڪ اوباما پڻ شرڪت ڪئي، آمريڪي سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس جان رابرٽس صدر ٽرمپ کان حلف کڻي ورتو، واشنگٽن ڊي سي ۾ سخت سردي سبب 40 سالن کانپوءِ حلف برداري جي تقريب ان ڊور ڪئي وئي، حلف کڻڻ بعد ٽرمپ چيو ته هو اڄ ڪيترن ئي ايگزيڪيوٽو آرڊرن تي دستخط ڪندو، ٽرمپ ميڪسيڪو سان لڳندڙڏاکڻي سرحد تي قومي ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي،  ۽ ملڪ ۾ غير قانوني داخلا تي پابندي لڳائيندو، هن چيو ته هو ري مين ان ’ميڪسيڪو پاليسي کي بحال ڪندو ۽ ڏکڻ سرحد تي فوج مقرر ڪندو، ٽرمپ خليج ميڪسيڪو جو نالو تبديل ڪري آمريڪي نار رکڻ ۽ پاناما ڪينال واپس وٺڻ جو اعلان ڪيو، ٽرمپ خطاب ڪندي چيو ته آئون امن جو داعي سڏائڻ پسند ڪندس، آمريڪا ۾ نئون سونهري دور شروع ٿي ويو آهي، دنيا ۾ ٻيهر عزت ملندي، قانون جي بالادستي ۽ ملڪ جي تحفظ کي يقيني بڻايو ويندو، آمريڪا اڳ کان وڌيڪ طاقتور، مضبوط ۽ غيرمعمولي بڻجي ويندو، آمريڪا جي دشمنن کي شڪست ڏينداسين. پنهنجي تقرير ۾ ٽرمپ بائيڊن انتظاميه تي به تنقيد ڪئي ۽ چيو ته هن ملڪ ۾ پناهگيرن جي بحران کي صحيح نموني سان نه نڀايو آهي. سندس چوڻ آهي ته ’ملڪ مان چئلينجز کي مڪمل طور تي ختم ڪيو ويندو، آمريڪا هن وقت پنهنجي انتهاپسند ۽ ڪرپٽ اسٽيبلشمينٽ تي بي اعتمادي جي بحران کي منهن ڏئي رهيو آهي. هن چيو ته گذريل انتظاميا غير قانوني طور ملڪ ۾ داخل ٿيندڙ خطرناڪ ڏوهارين کي تحفظ ۽ محفوظ پناهگاهون ڏنيون.   آمريڪا ۾ اڄ کان سونهري دور شروع ٿيندو.ڊونلڊ ٽرمپ 20 جنوري 2025 کي ’آزاديءَ جو ڏهاڙو‘ قرار ڏئي ڇڏيو، هن ڊرل بيبي ڊرل’، خام تيل جي ڀرپور پيداوار جو اعلان ڪندي چيو ته تيل ۽ گئس جي پيداوار ۾ آمريڪا کي نمبر ون بڻائينداسين. هن چيو ته آمريڪي فوج کي مضبوط ڪرڻ جو عزم ڪيو ويو هن مريخ تي آمريڪي پرچم اڏائڻ ۽ گرين پاليسي جي خاتمي جو اعلان ڪيو. تقريب کان اڳ ٽرمپ وائيٽ هائوس ۾ صدر بائيڊن سان ملاقات ڪئي، ٽرمپ پنهنجي زال ميلانيا ٽرمپ سان گڏ واشنگٽن جي هڪ چرچ ۾ دعائيه عبادت ۾ به شرڪت ڪئي، ڊونلڊ ٽرمپ جي حلف برداري تقريب ۾ پاڪستان جي ڪيترن ئي سياسي شخصيتن ۽ پاڪستاني آمريڪين پڻ شرڪت ڪئي، تقريب ۾ جاپان، ڀارت، آسٽريليا جي پرڏيهي وزيرن به شرڪت ڪئي، جڏهن ته چين جي نائب صدر پنهنجي ملڪ جي نمائندگي ڪئي، گوگل سي اي او سُندرپچائي، ميٽا سي اي او مارڪ زڪربرگ ۽ ٽڪ ٽاڪ سي اي او شوچيو پڻ تقريب ۾ موجود هئا، حلف برداري کان اڳ ڪيپيٽل ون ايرينا ۾ ٽرمپ جي فتح جو جشن ملهائڻ لاءِ ريلي ڪڍي وئي، صدر آصف علي زرداري، وزيراعظم شهباز شريف ٽرمپ کي مباڪون ڏنيون آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.