مشهور ڀارتي اداڪارا دل جي دوري سبب ديهانت ڪري ويو

ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي اداڪار يوگيش مهاجن دل جي دوري سبب ديهانت ڪري ويو.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، ڀارتي اداڪارا ڊراما سيريل شيو شڪتي ۾ مک ڪردار ادا ڪري رهيو ۽ کيس شوٽنگ لاءِ پهچڻو هو پر هو نه آيو ۽ انڪري شوٽنگ ڪئنسل ڪرڻي پئي.
رپورٽس ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ڪريو ميمبرن اداڪار کي فونون ڪيون پر ان جو جواب نه آيو، جنهن تي عملو سندس گهر پهچي ويو ۽ در کڙڪائڻ باوجود جڏهن ڪير به نه آيو ته هو دروازو ٽوڙي اندر داخل ٿيا ته هو مئل حالت ۾ هٿ آيو.
اداڪار کي اسپتال نيو ويو جتي ڊاڪٽرن دل جي دوري سبب سندس موت جي تصديق ڪئي.
يوگيش جي اوچتي وڇوڙي ت ڊراما انڊسٽري ۾ سوڳ وارو ماحول آهي ۽ ڪيئي شوبز شخصيتن افسوس ۽ ڏک جو اظهار ڪيو آهي.
ياد رهي ته يوگيش مهاجن ڪيئي مشهور ٽي وي ڊرامن ۽ مراٺي فلمن ۾ ڪم ڪيو، هو ممئي ۾ رهندڙ هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.