ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي علائقي سائيٽ ايريا هارون آباد ۾ اڻڄاتل ماڻهن گهر ۾ گهڙي فائرنگ ڪري ڏني، جنهن ۾ ٻه ڀائر مارجي ويا ۽ 3 ڀائر زخمي ٿي پيا.
پوليس موجب ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج ڪارپوريشن جي رهائشي ڪالوني ۾ اڻڄاتل ماڻهن جي فائرنگ ۾ 5 ڀائر زخمي ٿي پيا، جن مان ٻن دم ڏئي ڇڏيو، جڏهن ته 3 جو جناح اسپتال ۾ علاج هلندڙ آهي.
مارجي ويلن ۾ اسد الله ۽ سميع الله، جڏهن ته زخمين ۾ اڪرام الله، امير عبدالله ۽ شفيق الله شامل آهن.
پوليس ٻڌايو ته امير عبدالله کانسواءِ سمورا ڀائر سرڪاري ملازم هئا، فائرنگ ڪندڙن گهر مان ڪا شئي نه کنئي نه ڦرلٽ ڪئي، سمورا ڀائر گڏ ئي رهندا هئا.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ مارجي ويل ۽ زخمي ڀائرن جي ٻارن جو پاڙي ۾ ڪجهه ڇوڪرين سان جهيڙو ٿيو هو ۽ ماڻهن ڌرين ۾ ٺاهه ڪرائي ڇڏيو هو.
پوليس موجب گهر ڀاتين کي شڪ آهي ته فائرنگ ڪندڙ اهي ئي ڇوڪرا آهن، جن سان جهيڙو ٿيو هو، واقعي جي حوالي سان وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.
You might also like