سڄي دنيا ۾ چانهه کي ماڻهو شوق سان پيئندا آهن ۽ مختلف تحقيقن ۾ ان جا ڪيترائي فائدا به سامهون اچي چڪا آهن، جڏهن ته نئين تحقيق ۾ ان جو هڪ ٻيو فائدو سامهون آيو آهي.
چين جي گوانگزو يونيورسٽي جي تحقيق ۾ دريافت ڪيو ويو ته چانهه پيئڻ سان گڙدن جي دائمي مرضن جي شڪار ماڻهن کي فائدو ٿيندو آهي ۽ موت جو خطرو گهٽجي ويندو آهي.
ان تحقيق ۾ گڙدن جي دائمي مرضن جي شڪار 17 هزار کان وڌيڪ ماڻهن کي شامل ڪري چانهه جي استعمال سان ٿيندڙ ڊگهي مدي جي اثرن جو تجزيو ڪيو ويو.
1999 کان 2018 تائين انهن ماڻهن ۾ چانهه جي اثرن جو مشاهدو ڪيو ويو، محققن دريافت ڪيو ته روز 4 ڪوپ چانهه پيئڻ سان گڙدن جي مرضن جي شڪار ماڻهن ۾ ڪنهن به سبب جي ڪري موت جو خطرو گهٽجي ويندو آهي.
پر ان کان وڌيڪ چانهه پيئڻ سان گڙدن جي دائمي مرضن جو شڪار ماڻهو ناڪاري اثرن کي منهن ڏئي سگهن ٿا.
محققن موجب گڙدن جي مريضن کي روز 4 ڪوپن کان وڌيڪ چانهه استعمال نه ڪرڻ گهرجي، جڏهن ته چانهه ۾ گهڻي کنڊ جو استعمال به نه ڪجي.
ان تحقيق جا نتيجا Renal Failure ۾ ڇپيا آهن.
You might also like