توهان اهو ته ٻڌو هوندو ته ڀتين کي به ڪَنَ هوندا آهن، اهو حقيقت ۾ ناهي هوندو پر ڪا به ڳالهه راز رکڻي هوندي آهي ته انکي محتاط انداز ۾ پيش ڪرڻ لاءِ اهو چيو ويندو آهي ته ڀتين کي به ڪَن هوندا آهن.
پر ڇا توهان ڪڏهن ٻڌو آهي ته پاڻيءَ کي به ڪَنَ هوندا آهن؟ ۽ اهو ڪو اهڙو مهاورو نه پر حقيقت آهي.
هڪ مشاهدي دوران ڊاڪٽر مسارو اِموٽو ٽن گلاسن ۾ هڪ جيترا چانور وڌا ۽ انهن ٽنهي ۾ ئي هڪ جيترو پاڻي به ڀري ڇڏيو.
انکانپوءِ ڊاڪٽر اِموٽو روز ٽنهي گلاسن وٽ وڃي هڪ گلاس کي ”ٿينڪ يو“ ٻئي کي ”يو آر اين ايڊيٽ“ ۽ ٽئين کي اگنور ڪري بنا ڪجهه چوڻ جي واپس هليو ايندو هو.
لڳاتار هڪ مهيني تائين ٽنهي گلاسن کي اهڙا جملا چوڻ کانپوءِ ڊاڪٽر مسارو اِموٽو گلاس چيڪ ته حيران ٿي ويو.
پهرين گلاس جنهن کي ”ٿينڪ يو“ چيو ويو وارا چانور صفا صحيح ته هيا ئي پر اهي صحيح نموني وڌڻ به لڳا هئا، ٻئي گلاس وارا چانور جنهن کي ”يو آر اين ايڊيٽ“ چيو ويو مڪمل طور تي ڪارا ٿي ويا هئا جڏهن ته ٽئين گلاس وارا چانور جنهن کي هو بنا ڪجهه چوڻ جي نظر انداز ڪري ايندو هو ان جا چانور سڙي چڪا هئا.
ان جي ان تجربي جي حساب سان هاڪاري لفظ پاڻي جي ماليڪيولز کي بهتر جڏهن ته ناڪاري لفظ انهن ماليڪيولز کي خراب بڻائن ٿا.
ڊاڪٽر اِموٽو اهڙا ڪيترائي تجربا ڪيا ۽ مائرڪروگراف فوٽوگرافي ڪئي، هن اهو ٻڌايو ته لفظن جي وائبريشنز پاڻي جي ماليڪيولز تي اثرانداز ٿيندي آهي. جنهن جو مطلب اهو ٿيو ته توهان جيڪو پاڻي ۾ ڳالهائيندا آهيو ان جي حساب سان ئي اهو ردعمل به ڏيندو آهي.
اهم ڳالهه اها آهي ته اسان جي دماغ جو ستر سيڪڙو حصو به پاڻي سان جڙيل آهي، ڪيترن ئي مذهبي ڪتابن ۾ به اهو چيو ويندو آهي ته لفظن ۾ وائبريشنز ٿينديون آهن ۽ انهن ۾ طاقت هوندي آهي جنهن جي ڪري منتر، ورد ۽ وظيفا ورجايا ويندا آهن.
شايد اهو ئي سبب آهي ته سائنسدانن هر تحقيق ۾ اهو ئي چوندا آهن توهان پنهنجي باري ۾ جيترو هاڪاري سوچيندا اوترو توهان سان هاڪاري ٿيندو ۽ جيترو ناڪاري سوچيندا اوترو ناڪاري ٿيندو.
انڪري پنهنجي باري ۾ توهان جيڪو ڪجهه به سوچو ان وقت اهو ڌيان ضرور رکو ته ڪو ٻيو توهان جي سوچ کي ٻڌي نه ٻڌي پر توهان جو دماغ انکي ٻڌي رهيو آهي ۽ توهان جيڪو ڪجه سوچي رهيا آهيو توهان جو دماغ توهان لاءِ ائين ئي ڪندو.