واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) ڏکڻ ڪيليفورنيا جا شهري تيز هوائن سبب جهنگ ۾ باهه جي وڌندڙ خطري سبب خوفزده آهن، جنهن لاءِ هنن اڳواٽ تياري ڪري ڇڏي آهي.
واضح رهي ته ڪيليفورنيا جي شهر لاس اينجلس ۾ لڳندڙ باهه جي نتيجي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 27 ڄڻا فوت ۽ وڏي پئماني تي گهر تباهه ٿي ويا هئا.
آمريڪي ميڊيا موجب نيشنل ويدر سروس لاس اينجلس ۽ وينٽورا ڪائونٽيز جي ڪجهه حصن کي وارننگ جاري ڪئي آهي.
وارننگ ۾ چيو ويو آهي ته سمنڊ ڀرسان 70 ميل في ڪلاڪ ۽ جبلن ۾ 100 ميل في ڪلاڪ جي رفتار سان تمام تيز هوائون گهلڻ جو خدشو آهي.
آمريڪي چيف ميٽرولاجسٽ رچ ٿامسن موجب هوائون گهلڻ ۽ خشڪ موسم جو سلسلو خميس تائين جاري رهندو.
هن خبردار ڪيو ته باهه لڳڻ جو خطرو وڌيڪ آهي، ڇو ته ان علائقي ۾ اپريل کانپوءِ مينهن ناهي وسيو.
Prev Post
You might also like