ڪورونا جي پکيڙ بابت خبرن تي صحت واري وزير عذرا پيچوهو اهم بيان جاري ڪري ڇڏيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي صحت واري وزير عذرا پيچوهو ٻيهر ڪورونا پکڙجڻ جي خبرن جي ترديد ڪندي چيو آهي ته گهٻرائڻ جي ضرورت ناهي، ڪورونا هاڻ موسمي زڪام جهڙو آهي.
ڪراچي ۾ ڪورونا جي پکيڙ جي حوالي سان خبرن تي عذرا پيچوهو جو اهم بيان اچي ويو.
صوبائي وزير ٻيهر ڪورونا پکڙجڻ جي خبرن جي ترديد ڪندي چيو ته غلط خبرون پکيڙي پريشاني پيدا نه ڪئي وڃي.
هن چيو ته ماڻهو پريشان نه ٿين، ڪورونا وبا نه پئي پکڙجي، سڄي دنيا مان ڪورونا وائرس ختم ٿي چڪو آهي.
سندس چوڻ هو ته زڪام جي مريضن جون احتياطي طور ٽيسٽون ڪرايون ويون، 100 مريضن جون ڪورونا ٽيسٽون ٿيون ۽ 7 هاڪاري آيون، متاثرن ۾ ڪورونا جا معمولي اثر هئا.
صوبائي وزير چيو ته سڄي دنيا ۾ ڪورونا هاڻ موسمي زڪام جهڙو آهي، گهٻرائڻ جي ضرورت ناهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.