ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي ڪپتان روهت شرما آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي 2025 ۾ ڀارتي ٽيم کي فاتح بڻائڻ جي خواهش ظاهر ڪري ڇڏي.
روهت شرما آچر ڏينهن ممبئي جي تاريخي وانکيڙي اسٽيڊيم کي پنجاهه سال مڪمل ٿيڻ جي موقعي تي ڪوٺايل تقريب دوران چيو ته هن کي يقين آهي ته جڏهن هو چيمپيئنز ٽرافي لاءِ دبئي ۾ لهندو 140 ڪروڙ ڀارتين جون دعائون ساڻس گڏ هونديون.
ڀارتي ڪپتان وڌيڪ چيو ته ٽورنامينٽ ۾ بهترين ڪارڪردگي ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪنداسين ۽ چيمپيئنز ٽرافي کٽي وانکيڙي اسٽيڊيم کڻي اينداسين..
You might also like