ڏکڻ آفريڪا کي چيمپيئنز ٽرافي کان اڳ جهٽڪا، هڪ ٻيو اهم بالر انجري جو شڪار

ڪيپ ٽائون(ويب ڊيسڪ) آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي کان اڳ ڏکڻ آفريڪي ٽيم لاءِ ڏينهون ڏينهن پريشانيون وڌي رهيون ۽ هاڻي اينرڪ نورٽجي کانپوءِ جيرالڊ ڪوئيٽزي به انجري جو ڪار ٿي ويو آهي.
ڏکڻ آفريڪي ٽيم ڪجهه ڏينهن اڳ چيمپيئنز ٽرافي اسڪواڊ جو اعلان ڪيو جنهن کانپوءِ اسڪواڊ ۾ شامل اينرڪ نورٽجي انجري سبب ٽورنامينٽ مان ٻاهر ٿي ويو.
نورٽجي جي انجري کانپوءِ جيرالڊ ڪوئيٽزي جو نالو سندس متبادل طور چيمپيئنز ٽرافي اسڪواڊ ۾ شامل ڪيو ويو پر هاني ڪوئيٽزي به هيمسٽرنگ انجري جو شڪار ٿي ويو آهي.
هيمسٽرنگ انجري سبب ڪوئيٽزي کي چيمپيئنز ٽرافي ۾ شرڪت شڪي ٿي وئي آهي.
ميڊيا رپورٽس موجب، فاسٽ بالر جيرالڊ ڪوئيٽزي جي پاڪستان ۾ شيڊيول ٽورنامينٽ ۾ شرڪت جو فيصلو فيبروريءَ جي پهرئين هفتي ۾ ٿيندو.
ڪرڪيٽ ڏکڻ آفريڪا جي ميڊيڪل ٽيم فاسٽ بالر جي انجري جي نگراني ڪري رهي آهي.
ياد رهي ته چيمپيئنز ٽرافي 19 فيبروري کان 9 مارچ تائين پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارتن ۾ کيڏي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.