سينيٽ اجلاس: پارليامينٽ ميمبرن جي پگهارن ۽ الائونسز بابت ترميمي بل 2025 منظور

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سينيٽ اجلاس دوران پارليامينٽ ميمبرن جي پگهارن ۽ الائونسز بابت ترميمي بل 2025 منظور ڪيو ويو.
سينيٽر دنيش ڪمار پارليامينٽ ميمبرن جي پگهارن ۽ الائونسز بابت ترميمي بل سينيٽ ۾ پيش ڪيو، ان دوران وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ بل جي مخالفت نه ڪئي.
اعظم نذير تارڙ چيو ته بل جي منظوري تي مون کي ڪو اعتراض ناهي، قومي اسيمبلي تازو هائوس فنانس ڪميٽي کي پگهارن ۽ الائونسز بابت اختيار ڏنو.
هن چيو ته سينيٽ ۾ به هائوس فنانس ڪميٽي کي پگهارن ۽ الائونسز بابت اختيار ڏنو پيو وڃي، ٻنهي ايوانن ۾ هاڻ جهڙي پاليسي هوندي، تنهن ڪري مخالفت نه ڪئي.
بيان موجب پارليامينٽ ميمبرن جي پگهارن ۽ الائونسز بابت ترميمي بل 2025 جو مقصد پارليامينٽ کي پنهنجي ميمبرن جي مالي معاملن بابت خود مختيار بڻائڻ آهي.
بل جي متن موجب سينيٽ هائوس فنانس ڪميٽي ميمبرن جي مالي معاملن جو جائزو وٺندي، ميمبرن جي مالي معاملن ۾ پارليامينٽ بااختيار هوندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.