هڱورجا جي صحافي فياض سولنگي جو اغوا ڊرامو نڪتو: پوليس

خيرپور (م ڊ) پوليس صحافي فياض سولنگي جي اغوا کي ڊرامو قرار ڏئي ڇڏيو. ايس ايس پي ڪشمور ۽ يس ايس پي خيرپور  گڏيل پريس ڪانفرنس ۾ چيو ته صحافي فياض سولنگي پنهنجي چاچي سان گڏجي اغوا جو ڊرامو ڪيو. ايس ايس پي توحيد ميمڻ موجب خيرپور ۽ ڪشمور پوليس صحافي کي هٿ ڪري ورتو، کيس ۽ سندس چاچي کي گرفتار ڪيو ويو. پوليس اختيارن موجب صحافي جو زمين جي تڪرار تان پنهنجي سئوٽن سان جهيڙو هو، جنهن تي هن اغوا جو ڊرامو ڪري سئوٽن تي ڪيس داخل ڪرائڻ جي ارادو ڪيو. هن پاڻ تي تشدد جي وڊيو ٺهرائي سوشل ميڊيا تي وائرل ڪرائي هئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.