واشنگٽن(م ڊ) آمريڪي صدر جو بائيڊن چيو آهي ته اڄ غزه ۾ بندوقون خاموش ٿي ويون آهن. آچر تي پنهنجي تقرير ۾ صدر جو بائيڊن چيو ته سوين امدادي ٽرڪون غزه ۾ داخل ٿي رهيون آهن ته جيئن عام ماڻهن جي مدد ڪئي وڃي. هن وڌيڪ چيو ته غزه ۾ جنگ بندي ان معاهدي جو حصو آهي جنهن جي مون مئي ۾ تجويز ڏني هئي. هن چيو ته معاهدي جي ايندڙ مرحلي ۾ اسرائيلي فوجين کي يرغمال بڻايو ويندو. معاهدي جي ايندڙ مرحلي ۾ يرغمالين ۾ شامل اسرائيلي فوجين کي آزاد ڪيو ويندو.