حيدرآباد(رپورٽر) سنڌو درياهه تي 6 ڪينالن اڏڻ ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي ۾ سنڌ جي زمينن جي نيلامي خلاف عوامي ورڪرز پارٽي پاران حيدرآباد پريس ڪلب سامھون مظاھرو ڪيو ويو، مظاھري جي اڳواڻي ڪامريڊ لطيف لغاري، دريا خان چانڊيو، ڪومل سومرو ۽ ڪامران سومرو ڪئي. مظاھري کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته سنڌو درياهه تي 6 نوان ڪينال اڏڻ ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ جي آڙ ۾ سنڌ جون زمينون ڦٻائڻ پٺيان فقط ڏيھي حڪمران طبقا نه پر عالمي سرمائيداري نظام آھي، جيڪي پنھنجي ڳر ۾ سامراجيت ۽ ڦرماريت تي ٻڌل آھن، ڇاڪاڻ ته ڪينالن جي منصوبي لاءِ بجيٽ عالمي مالياتي ادارا ۽ گھڻ قومي ڪمپنيون ڏئي رھيون آھن. ھنن چيو ته پاڪستان جا حڪمران طبقا گذريل ستن ڏھاڪن کان نه رڳو سنڌ جي شھ رڳ مثل سنڌو دريا مٿان ڌاڙا ھڻندا رھيا آھن، پر ان جي زمين تي به قبضا ڪندا ٿا اچن، اڳواڻن چيو ته ڪينال ٺاھڻ ۽ زمين الاٽ ڪرڻ ۾ سنڌ جا جاگيردار، پير، وڏيرا ۽ ڀوتار جن جي نمائندا جماعت پيپلز پارٽي ڀاڱي ڀائيوار آھي. اڳواڻن مطالبو ڪندي چيو ته نوان ڪينال ٺاھڻ واري سنڌ دشمن رٿا ختم ڪري سنڌو درياهه جي فطري وھڪري کي بحال ڪيو وڃي،ڪوٽڙي کان ھيٺ پاڻي ڏنو وڃي،سنڌ جون زمينون ڪارپوريٽ فارمنگ لاءِ عسڪري ادارن ۽گھڻ قومي ڪمپنين کي ڏيڻ بدران زرعي سڌارا آڻي جاگيردارن کان زمينون کسي سنڌ جي بي زمين ھارين ۽ ھارياڻين کي ڏنيون وڃن، مظاھري ۾ پي آر ايس ايف، ناري جمهوري محاذ، عوامي تحريڪ، پ پ شھيد ڀٽو، سنڌ ھاري ڪميٽي ۽ ٻين ڌرين پڻ شرڪت ڪئي.