بجلي چوري جو معاملو، جواد احمد پي ٽي آءِ تي الزام هڻي ڇڏيو

لاهور (ويب ڊيسڪ) ناليواري گلوڪار ۽ برابري پارٽي جي چيئرمين جواد احمد بجلي چوري ڪرڻ جي معاملي تي تحريڪ انصاف تي الزام هڻي ڇڏيو.
پريس ڪانفرنس ڪندي جواد احمد چيو ليسڪو وارن جي رويي جي سڀني کي خبر آهي ته اهي گهرن ۾ گهڙي ويندا آهن، گرين ميٽر سان ته بجلي چوري ئي نٿي ٿي سگهي، پروپيگنڊا ڪئي پئي وڃي ته ماڻهن کي ماريو ويو، وڊيو موجود آهي.
هن چيو ته مان سياسي ماڻهو آهيان ۽ منهنجي ساک خراب ڪئي وئي، منهنجي خلاف پي ٽي آءِ وارا ائين ڪري رهيا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.