پاڪستاني جبل چارهو اسد علي ميمڻ انٽارڪٽيڪا جي بلند ترين چوٽي مائونٽ ونسن سر ڪري ورتي.
اسد علي ميمڻ 7 کنڊن جي 7 بلند ترين چوٽين جي سفر ۾ ڇهين چوٽي سر ڪئي آهي، مائونٽ ونسن جي اوچائي 4892 ميٽر آهي، جيڪا دنيا جي ٿڌي ترين چوٽي تصور ڪئي ويندي آهي، جڏهن ته اسد علي ميمڻ جي سيون سمٽ جي سفر ۾ آخري چوٽي پنچاڪ جايا رهيل آهي.
اسد ميمڻ مائونٽ ونسن سر ڪرڻ کانپوءِ پنهنجي وڊيو سوشل ميڊيا تي شيئر ڪئي، جنهن ۾ کيس جذباتي ٿيندي ڏسي سگهجي ٿو ۽ گڏوگڏ هن پنهنجي ڪاميابي تي خوشي جو اظهار به ڪيو.
Prev Post
You might also like