ٽِڪ ٽاڪ ٽي پابندي مڙهڻ جو فيصلو

اڻويهين جنوري تي آمريڪا ۾ ٽڪ ٽاڪ تي پابندي لاڳو ٿيڻ واري آهي، ڇو ته ڪمپني اڃا تائين سوشل ميڊيا ايپ جا آمريڪي آپريشنز وڪڻڻ ۾ ڪامياب ناهي ٿي سگهي.
هاڻ صدر جو بائيڊن ان معاملي تي پنهنجو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي ته ٽڪ ٽاڪ تي پابندي مڙهڻ وارو قانون لاڳو ٿيڻ گهرجي يا نه.
پرڏيهي خابرو اداري موجب، اختيارين ان حوالي سان ٻڌايو آهي ته صدر جو بائيڊن طرفان ٽڪ ٽاڪ تي پابندي وارو قانون لاڳو نه ڪيو ويندو.
اختيارين موجب، ٽڪ ٽاڪ جي مستقبل جو فيصلو 20 جنوري تي صدارت جو عهدو سنڀالڻ واري ڊونلڊ ٽرمپ تي ڇڏيو ويندو.
آمريڪي ڪانگريس کان منظور ڪيل قانون تي صدر جو بائيڊن اپريل 2024 ۾ صحيحون ڪيون هيون.
ان قانون موجب، ٽڪ ٽاڪ جي مالڪ ڪمپني بائيٽ ڊانس کي چيو ويو ته هو 19 جنوري تائين آمريڪا ۾ پنهنجي سوشل ميڊيا ايپ کي وڪڻي يا پابنديءَ لاءِ تيار ٿي وڃي، جڏهن ته ڊونلڊ ٽرمپ اڳ ئي ٽڪ ٽاڪ کي ”بچائڻ“ جي خواهش ظاهر ڪري چڪو آهي.
رپورٽن موجب، هو ( ٽرمپ) ان قانون تي عملدرآمد کي 90 ڏينهن تائين ملتوي ڪرڻ لاءِ ايگزيڪيوٽو آرڊر جاري ڪرڻ تي غور ڪري رهيو آهي.
ڊونلڊ ٽرمپ جي قومي سلامتي بابت نامزد ڪيل صلاحڪار مائڪ والٽز 16 جنوري تي هڪ ٽي وي انٽرويو ۾ چيو ته ”اسان ٽڪ ٽاڪ کي اونداهي ۾ وڃڻ کان روڪڻ لاءِ قدم کڻنداسين.“
هن اهو اشارو ڏنو ته ان قانون ۾ ڪمپني کي واڌو وقت ڏيڻ جو آپشن موجود آهي.
ٽڪ ٽاڪ جي سِي ايِ او شائو زي ڊسمبر 2024 ۾ فلوريڊا ۾ ڊونلڊ ٽرمپ جي رهائشگاهه جو دورو ڪيو هو ته جيئن ايپ تي پابندي کي روڪڻ لاءِ سندس حمايت حاصل ڪري سگهي. هو هاڻي ڊونلڊ ٽرمپ جي صدارتي حلف برداري واري تقريب ۾ شرڪت ڪرڻ جو منصوبو جوڙي رهيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.