نارين جي ورلڊ ڪپ دوران نانگ ميچ روڪرائي ڇڏي

جوهرو (ويب ڊيسڪ) ملائيشيا ۾ جاري انڊر 19 وومين ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ميچ دوران گرائونڊ ۾ نانگ نڪري آيو.
ملائيشيا جي شهر جوهرو ۾ آئرلينڊ ۽ انگلينڊ جي ٽيمن وچ ۾ انڊر 19 وومين ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي ميچ جاري هئي، جتي انگلينڊ جي بيٽنگ دوران نانگ اچڻ سبب ميچ کي روڪڻو پئجي ويو.
انگلينڊ جي پليئر جيمائمه اسپينسر بيٽ جي مدد سان نانگ کي پِچ تان هٽايو.
بعد ۾ اِها ميچ برسات سبب بنا نتيجي ختم ٿي وئي ۽ ٻنهي ٽيمن کي هڪ، هڪ پوائنٽ ڏني وئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.