خوشخبري، نادرا سنڌ جي شهرين لاءِ نئين سروس متعارف ڪرائي ڇڏي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) نادرا نئين سروس متعارف ڪرائي ڇڏي، جنهن سان شهرين کي وڏي سهولت ملندي.
اختيارين موجب شهرين کي ڊگهي قطارن ۽ انتظار کان بچائڻ لاءِ نادرا طرفان نئون قدم کنيو ويو آهي، جنهن تحت سنڌ جي مختلف شهرن ۾ بائيڪرز سروس متعارف ڪرائي پئي وڃي.
نادرا جي اها سهولت سومر کان شروع ٿيندي، جنهن ذريعي شهري سڃاڻپ ڪارڊ ٺهرائڻ، انهن جي تجديد سميت ٻيا فائدا ماڻي سگهندا.
اختيارين جو چوڻ آهي ته ڪراچي ۾ 3 بائيڪرز، جڏهن ته حيدرآباد ۽ ميرپورخاص ۾ شروعاتي طور هڪ – هڪ بائيڪ ذريعي سروس شروع ڪئي پئي وڃي، نادرا بائيڪ سروس لاءِ وڌيڪ 10 بائيڪس ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ شامل ڪيون وينديون.
اختيارين موجب بائيڪ سروس جا نمائندا پراسيس جي سامان سان ليس هوندا ۽ گهر تي سروس لاءِ شهرين کان هڪ هزار رپيا واڌو فيس وصول ڪئي ويندي، فيس ۾ 825 رپيا سروس ۽ 175 رپيا ڊليوري چارجز شامل آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.