اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڊجيٽل فارن ڊائريڪٽ انويسٽمينٽ انيشيٽو اختيار ڪندڙ پهريون ملڪ بڻجي ويو، وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته ملڪ ۾ سيڙپڪار دوست ماحول فراهم ڪرڻ لاءِ هي هڪ اهم سنگ ميل آهي.
وزيراعظم شهباز شريف پاڪستان جي ڊجيٽل فارن ڊائريڪٽ انويسٽمينٽ انيشيٽو جو حصو بڻجڻ جي آجيان ڪئي.
هن چيو ته پاڪستان ڊجيٽل فارن ڊائريڪٽ انويسٽمينٽ انيشيٽو اختيار ڪندڙ پهريون ملڪ آهي ۽ هي ملڪ ۾ سيڙپڪار دوست ماحول فراهم ڪرڻ لاءِ هڪ اهم سنگ ميل آهي.
سندس چوڻ هو ته پاڪستان جو پهريون ڊجيٽل ايف ڊي آءِ منصوبو ڊجيٽل ترقي لاءِ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، پاڪستان ڊجيٽل معيشت ڏانهن اڳتي وڌي رهيو آهي، جيڪو پائيدار ترقي ڏانهن هڪ قدم آهي.
وزيراعظم وڌيڪ چيو ته هي قدم معاشي ترقي کي هٿي ڏيڻ لاءِ پاڪستان حڪومت جي عزم جي عڪاسي آهي، جيڪو ملڪ کي گڏيل ۽ پائيدار ڊجيٽل معيشيت ڏانهن اڳتي وٺي ويندو.
هن چيو ته حڪومت اهڙن قدمن ذريعي معيشت جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ پنهنجا واعدا پورا ڪندي.
You might also like