جسٽس عائشا ملڪ جو جانورن تي ظلم ڪندڙن کي سخت سزا ڏيڻ جو مطالبو

لاهور (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس عائشا اي ملڪ چيو آهي ته پاڪستان ۾ جانورن جي حقن لاءِ تڪڙا قدم کڻڻ جي ضرورت آهي، جانورن تي ٿيندڙ ظلم تي سخت سزا هجڻ گهرجي.
لاهور ۾ ماحولياتي تبديلين ۽ جانورن جي حقن بابت ڪانفرنس کي خطاب ڪندي جسٽس عائشا ملڪ چيو ته جانور اسان جي معاشري سميت سڄي دنيا لاءِ اهم آهن، هر جاندار کي بنا خوف جي زندگي گذارڻ جو حق آهي، انسانن سان گڏ جانورن جا به حق آهن پر انهن تي ڪير ناهي ڳالهائيندو.
هن چيو جانورن جي حقن جي ڳالهه ڪئي وڃي ته ان معاملي ۾ اسان گهڻو پوئتي آهيون، اسان سڀني کي گڏجي ان تي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، پاڪستان ۾ جانورن جي حقن لاءِ تڪڙا قدم کڻڻ جي ضرورت آهي.
سندس چوڻ هو ته جيئن انسانن کي صاف سٿري پاڻي ۽ ماحول جي ضرورت آهي، ائين ئي جانورن کي به آهي، جانورن کي اڃ ۽ تڪليف کان آزادي هجڻ گهرجي، اسان کي اهڙي ليگل فريم ورڪ جي ضرورت آهي، جنهن ۾ جانورن جي حقن تي ڳالهايو وڃي.
جسٽس عائشا ملڪ چيو ته ملڪ ۾ جانورن جي ويلفيئر ۽ حقن لاءِ اثرائتي قدمن جي ضرورت آهي، ڪجهه تنظيمون ڪم ڪري رهيون آهن پر وڌيڪ ڪم ٿيڻ گهرجي، جانورن تي ٿيندڙ ظلم تي سخت سزا هجڻ گهرجي.
هن چيو ته رولو ڪتن کي مارڻ جي ڪيس تي غور ويچار ڪيو ويو آهي، ڪنهن کي خبر نه هئي ته ڪتن کي ڪهڙي قانون تحت ماريو پيو وڃي، رڳو اهو ٻڌايو ويو ته ريبيز سبب ڪتن کي ماريو پيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.