اسلام آباد(م ڊ) تحريڪ انصاف جي سينيئر اڳواڻ شوڪت يوسفزئي چيو آهي ته 190 ملين پائونڊ ريفرنس جو فيصلو سياسي انتقام آهي جنهن آئين، انصاف ۽ قانون جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي، اڄوڪو ڏينهن ڪارو ڏينهن طور ياد رکيو ويندو.فيصلي ۾ حڪومت جي بدنيتي به واضح ٿي رهي آهي، فيصلي سان ملڪ ۾ سياسي استحڪام جي لاءِ هلندڙ ڪوششن کي ڌڪ لڳندو، پوري قوم فيصلي کان مايوس آهي،.
هاڻي پي ٽي آءِ کي به سوچڻو پوندو ته ملڪ ۾ انساني حقن ۽ قانون جي حڪمراني لاءِ ڪهڙو ايڪشن پلان اختيار ڪيو وڃي ڇو ته اهڙي ماحول ۾ ملڪ ترقي نٿو ڪري سگهي.