ڪئنال رٿا خلاف اڄ اسلام آباد ۾ عوامي تحريڪ جي ڪانفرنس

اسلام آباد (پ_ر) عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، مرڪزي سينيئر نائب صدر نور احمد ڪاتيار،  مرڪزي اڳواڻ ايڊووڪيٽ اظهار دائودپوٽو، اياز صالح پليجو ۽ ٻين اڳواڻن ليکڪ فضل الله قريشي سان ملاقات ڪري کيس اسلام آباد ڪانفرنس ۾ شرڪت جي دعوت ڏني. ان موقعي تي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري چيو ته اسلام آباد ۾ ڇهه نون ڪئنالن ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف عوامي تحريڪ جي اڄ ڪانفرنس ٿيندي، ڪانفرنس جون تياريون مڪمل ٿي ويون آهن، ڪانفرنس ۾ سنڌي، سرائيڪي، پشتون، بلوچ اڳواڻ پاڻي ماهر، ليکڪ ۽ صحافي شريڪ ٿيندا. ڪانفرنس کي عوامي تحريڪ جو مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر عمره سمون، عوامي نيشنل پارٽي اي اين پي جو اڳواڻ انجنيئر احسان الله، نيشنل پارٽي جو سينيٽر جان محمد بليدي، عوامي ورڪرس پارٽي جو فيڊرل صدر ايڊووڪيٽ اختر حسين، پاڪستان سرائيڪستان اتحاد جو چيئرمين خواجا غلام فريد ڪوريجا، عوامي جمهوري پارٽي جو مرڪزي جنرل سيڪريٽري سيد لال شاهه، پاڪستان سرائيڪي پارٽي جو جنرل سيڪريٽري خليل بخاري، ڪميونسٽ پارٽي جو سيڪريٽري جنرل امداد قاضي، مزدور ڪسان پارٽي جو سيڪريٽري جنرل تيمور رحمنٰ، نامور سائنسدان ڊاڪٽر پرويز ھودڀائي، نصير ميمڻ، جامي چانڊيو، سنڌي هاري تحريڪ جو مرڪزي صدر غلام مصطفيٰ چانڊيو، پاڪستان فيڊرل يونين آف جنرلسٽ جي اڳواڻ ڊاڪٽر سعديا ڪمال، سانا اڳواڻ اعجاز ترڪ، ارسا ۾ سنڌ جو نمائندو احسان لغاري، عوامي تحريڪ جو مرڪزي سينيئر نائب صدر نور احمد ڪاتيار، مرڪزي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ ساجد حسين مهيسر، مرڪزي اڳواڻ عبدالقادر رانٽو، پيپلز پارٽي شهيد ڀٽو جي اڳواڻ راحيلا شاهه، گلگت بلتستان بچايو تحريڪ جو ڪنوينر شبير ميار، هيومين رائيٽس ڪميشن آف پاڪستان (ايڇ آر سي پي) جو سيڪريٽري حارث خليق، سينيئر بلوچ اڳواڻ رئوف ساسولي، ليکڪ ۽ محقق فضل الله قريشي، سرائيڪي اديب ظهور ڌاريجا، سي ايس ايس پي جي سي اي او نور محمد بجير، سنڌي شاگرد تحريڪ جو مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ نويد عباس ڪلھوڙو، سنڌي گرلس اسٽوڊنٽ تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ ڪونج لاشاري، سرائيڪي دانشور مظهر عارف، شاهد جتوئي، فشر فوڪ فورم جو سربراهه مهراڻ شاهه، سگا اسلام آباد جو اڳواڻ يوسف ميمڻ، محمد آصف، انڊس ڪلچر فورم جو اڳواڻ اشفاق چانڊيو، منظور سومرو، سنڌيئڙا ڪلچر ۽ ويلفيئر ايسوسيئيشن جو سربراهه اسلم سعيد گلال ۽ ٻيا اڳواڻ خطاب ڪندا . ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ ڇهه نون ڪئنالن خلاف سنڌي، بلوچ، پشتون، سرائيڪي بيلٽ ۽ گلگت جا اڳواڻ گڏيل جدوجهد تي غور ويچار ڪندا. هن چيو ته بلاول_شهباز اتحادي سرڪار چولستان رٿا سميت ڇهه نون ڪئنالن کي سي سي آءِ مان منظور ڪرائڻ چاهي ٿي، اسين کين ٻڌائڻ چاهيون ٿا ته نوان ڪئنال سي سي آءِ مان منظور ڪريو يا ايس آءِ ايف سي مان، سنڌ جو عوام ٺاهڻ نه ڏيندو، سنڌ جو عوام ڪالاباغ ڊيم جيان ڪئنالن جي ڪاريهر نانگ کي به چٿيندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.