اسلام آباد(م ڊ) انفارميشن ٽيڪنالاجي بابت مملڪتي وزير شزا فاطمه چيو آهي ته ملڪ ۾ انٽرنيٽ مڪمل طور تي فنڪشنلآهي ۽ واٽس ايپ سميت سڀ موبائل ايپس پوري طرح هلي رهيو آهن، قومي اسمبلي اجلاس ۾ سوالن جي وقفي دوران پيپلز پارٽي جي ميمبر شازيه مري سوال ڪيو ته پاڪستان ۾ انٽرنيٽ جو مسئلو ڪيستائين حل ٿيندو؟ جنهن جي جواب ۾ شزا فاطمه چيو ته انٽرنيٽ سست ٿيڻ جا ڪيترائي سبب آهن، ماضي جي حڪومتن آءِ ٽي تي خرچ نه ڪيو، جنهن ڪري سسٽم اپڊيٽ نه ٿي سگهيو، پر هن وقت ملڪ ۾ انٽرنيٽ مڪمل طور تي فنڪشنل آهي ۽ واٽس ايپ سميت سڀ موبائل ايپس پوري طرح ڪم ڪري رهيون آهن، شزا فاطمه چيو ته ملڪ ۾ سڀني اسٽيڪ هولڊرز سان رابطي ۾ آهيون، هلندڙ سال هينئر تائين آءِ ٽي گروٿ ۾ 28 سيڪڙو واڌ آئي آهي ۽ هن شعبي ۾ 1.8 ارب ڊالر جي ايڪسپورٽ ٿي آهي، مملڪتي وزير ٻڌايو ته سب ميرين ڪيبل جي اَپ گريڊيشن تي ڪم ٿي رهيو آهي، ڪيبل ڪنيڪٽيويٽي سان سينٽرل ايشيا ۽ چين جو سڄو انٽرنيٽ ڊيٽا پاڪستان مان ٿي ويندو، هن وڌيڪ چيو ته ملڪ ۾ آءِ پي رجسٽريشن لاءِ پي ٽي اي باضابطا ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي.
، وي پي اين ۽ آءِ پي جي رجسٽريشن بنا ڪنهن معاوضي جي ڪئي پئي وڃي، هنيئر تائين ڪمپنين ۽ فري لانسرز جا 31 هزار کان وڌيڪ وي پي اينز رجسٽرڊ ٿي چڪا آهن.