اسلام آباد هاءِ ڪورٽ لاءِ اعظم خان ۽ راجا انعام امين نامزد

اسلام آباد (م ڊ) جڊيشل ڪميشن اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ايڊيشنل ججن لاءِ سيشن جج اعظم خان ۽ اڳوڻي صدر اسلام آباد هاءِ ڪورٽ بار راجا انعام امين منهاس کي نامزد ڪري ڇڏيو. چيف جسٽس يحييٰ آفريدي جي صدرت هيٺ جڊيشل ڪميشن جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ اسلام آباد ۽ بلوچستان هاءِ ڪورٽن ۾ ايڊيشنل ججن جي مقرري تي غور ڪيو ويو. ذريعن موجب ڪميشن اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ايڊيشنل ججن جي نامزدگي لاءِ 4 مان 2 نالن جي نامزدگي ڪري ڇڏي. بلوچستان هاءِ ڪورٽ لاءِ 3 ايڊيشنل ججن جي نامزدگين تي به غور ڪيو ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.