راولپنڊي (م ڊ) 190ملين پائونڊ ڪيس ۾ پي ٽي آءِ باني کي 14 سال قيد ۽ 10 لک رپيا ڏنڊ ۽ سندس گهر واري بشريٰ بي بي کي 7 سال قيد ۽ 5 لک رپيا ڏنڊ جي سزا ملي وئي، بشريٰ بي بي کي عدالتي ڪمري مان گرفتار ڪري اڊيالا جيل منتقل ڪيو ويو، عمران خان ۽ بشريٰ بي بي خلاف 190 ملين پائونڊ ڪيس جو فيصلو اسلام آباد جي احتساب عدالت جي جج ناصر جاويد رانا اڊيالا جيل ۾ ٻڌايو، فيصلي لاءِ عمران خان کي اڊيالا جيل آندو ويو، جڏهن ته بشريٰ بي بي ۽ پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽرگوهر، عليما خان ۽ ٻيا به جيل پهتا، ان موقعي تي شعيب شاهين، سلمان اڪرم راجا ۽ ٻيا وڪيل پڻ اڊيالا جيل ۾ موجود هئا، جج 190 ملين پائونڊ ڪيس ۾ محفوظ ڪيل فيصلو پڙهي ٻڌايو، جنهن موجب ڏوهه ثابت ٿيڻ تي عمران خان کي 14 سال ۽ 10 لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي، جڏهن ته بشريٰ بي بي کي 7 سال قيد ۽ 5 لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي وئي، جج پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته جيڪڏهن عمران خان ڏنڊ ادا نه ڪيو ته کيس 6 مهينا وڌيڪ سزا ڀوڳڻي پوندي، جڏهن ته بشريٰ بي بي ڏنڊ ادا نه ڪيو ته کيس 3 مهينا وڌيڪ جيل ۾ رهڻو پوندو، ان کانسواءِ عدالت القادر ٽرسٽ يونيورسٽي کي سرڪاري تحويل ۾ وٺڻ جو حڪم پڻ ڏنو، جڏھن ته فيصلو ٻڌائڻ کانپوءِ بشريٰ بي بي کي عدالت جي ڪمري مان گرفتار ڪيو ويو، فيصلي ۾ چيو ويو ته عمران خان کي ڪرپٽ عملن ۽ اختيارن جي ناجائز استعمال تي 14 سال ۽ بشريٰ بي بي کي سندس ساٿ ڏيڻ جي الزام ۾ 7 سال قيد جي سزا ڏني وئي، سزا واري وارنٽ ۾ چيو ويو آهي ته جوابدار بشريٰ بي بي کي نيب سيڪشن 10 اي تحت 7 سال قيد، 5 لک رپيا ڏنڊ ۽ ادا نه ڪرڻ تي 3 مهينا قيد جي سزا ٻڌائي آهي، احتساب عدالت 190 ملين پائونڊ ريفرنس ۾ لکت ۾ حڪم جاري ڪندي چيو آهي ته وڪيل استغاثه جي شاهدين کي رد نه ڪري سگهيا، پراسيڪيوشن جو ڪيس دستاويزي ثبوتن تي ٻڌل هو، پراسيڪيوشن ٺوس ناقابل ترديد، قابل اعتماد، ثبوت پيش ڪيا، جيڪي سچ ثابت ٿيا، وائيٽ ڪالر ڪرائم ۾ معمولي اختلاف ٿي سگهن ٿا، جيڪا فطري ڳالهه آهي، جڏهن ته جوابدارن جي بچاءَ ۾ پيش ڪيل دستاويزي ثبوت به بيڪار هئا، بار بار موقعو ملڻ باوجود استغاثه جو موقف رد نه ٿي سگهيو، تيار ڪيل دستاويزي ثبوت صحيح نه هئا، فيصلي کان پوءِ جيل عملدارن عمران خان جي زال بشريٰ بي بي کي تحويل ۾ ورتو ۽ کيس اڊيالا جيل ۾ ئي رکيو ويو، ذريعن موجب، بشريٰ بي بي لاءِ اڊيالا جيل ۾ اڳواٽ ئي هڪ سيل تيار ڪيو ويو هو، جيل منتقل ڪرڻ کان اڳ جيل اسپتال جي ڊاڪٽرن بشريٰ بي بي جو طبي معائنو ڪيو، قانوني ڪارروائي مڪمل ٿيڻ بعد کيس عورتن واري بيرڪ ۾ منتقل ڪيو ويو، فيصلي دوران اڊيالا جيل اندر ۽ ٻاهر سيڪيورٽي جا انتهائي سخت انتظام ڪيا ويا، امن امان جي صورتحال کي برقرار رکڻ لاءِ عورت پوليس اهلڪارن سان گڏ سادن ڪپڙن ۾ اهلڪار به مقرر ڪيا ويا هئا.