190 ملين پائونڊ جو معاملو  واقعي ”سياسي ڪيس“ آھي ؟

جيتوڻيڪ پاڪستان تحريڪ انصاف ۽ 190 ملين پائونڊ جو ڪيس وڙھندڙ وڪيلن جو چوڻ آھي تھ ھي سياسي ڪيس آھي، پر ھن ڪيس جون ڪي حقيقتون اھڙيون آھن،جن کي رد ڪرڻ ممڪن ئي نھ آھي. سمجھيو ٿو وڃي تھ پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني عمران خان خلاف قائم ڪيل ڪيسن مان ھي سڀني کان وڌيڪ سگھارو ڪيس آھي.جنھن جي ثبوتن مان ئي اھو پتو پئجي ٿو وڃي تھ اختيارن جا ڪھڙي ريت بخيا اڊيڙيا ويا آھن.

اسلام آباد جي احتساب عدالت اڳوڻي وزيراعظم عمران خان کي 190 ملين پائونڊ  ڪيس ۾ 14 سال قيد ۽ 10 لک رپيا ڏنڊ ۽ عمران خان جي زال بشريٰ بي بي کي ست سال قيد ۽ پنج لک رپيا  ڏنڊ جي سزا ٻڌائي آهي ۽ حڪومت کي القادر يونيورسٽي کي سرڪاري  تحويل ۾ وٺڻ جو حڪم ڏنو آهي.

فيصلو احتساب عدالت جي جج ناصر جاويد رانا 18 ڊسمبر 2024 تي محفوظ ڪيو هو، جيڪو ٽي ڀيرا ملتوي ٿيڻ کان پوءِ جمعي ڏينهن اڊيالا جيل ۾ ٻڌايو ويو.

فيصلي ٻڌائڻ وقت عمران خان، بشريٰ بي بي ۽ تحريڪ انصاف جا اڳواڻ عدالت جي ڪمري ۾ موجود هئا.

عمران خان ۽ بشريٰ بي بي خلاف 190 ملين پائونڊ يا القادر ٽرسٽ ڪيس، القادر يونيورسٽي لاءِ خانگي هائوسنگ سوسائٽي بحريا ٽائون پاران 450 ڪينال کان وڌيڪ زمين عطيو ڪرڻ بابت آهي. قومي احتساب بيورو الزام هنيو آهي ته هي معاملو عطئي جو  نه پر بحريا ٽائون جي مالڪ ملڪ رياض ۽ عمران خان حڪومت  وچ ۾ ھڪ مبينا ڳجهي معاهدي جو نتيجو آهي. الزام آهي ته 190 ملين پائونڊ جي رقم برطانيا ۾ منجمد ٿيڻ کان پوءِ پاڪستاني حڪومت کي ڏني وئي. اھا  بحريا ٽائون ڪراچي ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ جي فيصلي کان پوءِ سوسائٽي کي ادا ڪرڻ جوڳي 460 ارب رپين جي رقم  ۾ ايڊجست ڪئي وئي ھئي. جڏهن ته، عمران خان، بشرا بي بي ۽ ٻيا ملزم مٿن  لڳل الزامن کي رد ڪن ٿا.

عدالتي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته  ڪيس جي سماعت دوران پراسيڪيوشن پاران شاھد پيش ڪيا ويا.ملزمن جي وڪيلن يعني عمران خان ۽ بشريٰ بي بي جا بچا واري وڪيلن جي ٽيم انھن شاهدن کي رد نه ٿي ڪري سگهي. فيصلي موجب ”  ستغاثھ جو ڪيس بنيادي طور تي دستاويزي ثبوتن جي آڌار تي ٺاهيو ويو هو، جنھن کي ترديد نھ ٿي سگھندڙ شاھدن جي مدد  سان عمران خان ۽ بشريٰ بي بي، جي خلاف ٺوس ۽ جامع انداز ۾ ثابت ڪيو ويو.”

فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته "ڪيترن ئي شاهدن کان دگھي آڏي پڇا ڪئي وئي، ان جي باوجود، انهن جي ساک کي متاثر نه ڪيو ويو ۽  بيانن ۾ تسلسل ۽ هم آهنگي ڏٺي وئي.” بھرحال عدالت چيو ته "استغاثه جي ثبوتن ۾ ڪجهه تضاد ٿي سگهن ٿا، جيڪي اهڙن وائيٽ ڪالر ڏوهن ۾ فطري ھوندا  آهن.”عدالت موجب "ڪيترن ئي موقعن جي باوجود بچا جا وڪيل استغاثه جي ڪيس کي ٽوڙڻ ۾ ناڪام ٿيا.”

ھن ڪيس جو پس منظر ھي آھي تھ اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ پهرين ڊسمبر 2023 تي اڳوڻي وزيراعظم عمران خان ۽ سندس زال بشريٰ بي بي سميت 8 ماڻهن خلاف 190 ملين برطانوي پائونڊ يا القادر ٽرسٽ جو ريفرنس داخل ڪيو ويو. اٺن مان ٻن جوابدارن، عمران خان ۽ سندس زال، تي هن ڪيس ۾ 27 فيبروري 2024 تي فرد جرم لاڳو ڪيو ويو۽ ٻنهي الزامن کان انڪار ڪيو. نيب اختيارين موجب، ڪيس ۾ پنج جوابدارن کي مفرور به قرار ڏنو آهي، جن ۾ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جو صلاحڪار شهزاد اڪبر، اڳوڻو وزير زلفي بخاري، هڪ خانگي هائوسنگ سوسائٽي جو سربراهه ملڪ رياض، سندس پٽ ۽ بشريٰ بي بي جي دوست فرح شھزادي  ( گوگي)  شامل آهن. عدالت انھن جي مستقل گرفتاري جا وارنٽ جاري ڪيا آهن ۽ پاڪستان ۾ انهن جي ملڪيت ضبط ڪرڻ جو به حڪم ڏنو آهي. هن ڪيس جي ٻڌڻي دوران، نيب پاران ڪل 35 شاهد پيش ڪيا ويا. انھن ۾عمران خان جي ڪابينا جا ٻه وفاقي وزير، پرويز خٽڪ ۽ زبيده جلال پڻ شامل هئا.

نيب اڳوڻي وزيراعظم عمران خان ۽ سندس زال خلاف پنجاب جي جهلم شهر ۾ القادر يونيورسٽي ٽرسٽ جي نالي تي سوين ڪينال زمين جي انڪوائري کي باضابطه جاچ ۾ تبديل ڪيو هو. نيب عملدارن  اڳ ۾ ئي  اختيارن جي غلط استعمال ۽ برطانيه کان مليل رقم جي وصولي بابت جاچ ڪري رهيا ھئا.

عمران خان کي 9 مئي 2023 تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ  جي اڱڻ مان گرفتار ڪرڻ بھ ھن ئي ڪيس جي ڪڙي ھئي.

شروع ۾ احتساب عدالت  هن ڪيس ۾ عمران خان جي ضمانت جي درخواست رد ڪئي ھئي. جنهن کان پوءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ڏھھ لک رپين جي مچلڪن تي عمران خان جي ضمانت منظور ڪئي ھئي. اصل ۾ ھي معاملو تڏهن سامهون آيو جڏهن 2019 ۾ اڳوڻي وفاقي وزير فيصل ووڊا سان منسوب هڪ بيان ميڊيا ۾ رپورٽ ٿيو ته ڪابينا جي اجلاس ۾ هڪ اهڙو معاملو منظور ڪيو ويو. جنهن بابت ڪابينا ميمبرن کي ڪا خبر ئي نھ ھئي ۽ هڪ مهربند لفافي ۾ برطانوي نيشنل ڪرائم ايجنسي۽ پاڪستان حڪومت وچ ۾ ٿيل ھڪ معاھدي جي باري ۾ ان وقت جي وزيراعظم جي تڏھوڪي احتساب بابت مشير شهزاد اڪبر زباني طور تي آگاھ ڪيو ھو.

قومي احتساب بيورو جو الزام آهي ته خانگي هائوسنگ سوسائٽي بحريا ٽائون جي مالڪ جي جيڪا 190 ملين پائونڊ يا 60 ارب رپين جي رقم برطانيا ۾ منجمند ٿيڻ بعد اھا پاڪستان حڪومت حوالي ڪئي وئي.جيڪا بحريھ ٽائون ڪراچي ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ جي فيصلي موجب ان سوسائٽي جي ذمي ادائگي جوڳي 460 ارب رپين جي رقم ۾ ايڊجسٽ ڪئي وئي.جنھن جي عيوضبحريا ٽائون مارچ 2021 ۾ جهلم ضلعي جي سوهاوا علائقي ۾ 458 ڪينال زمين القادر يونيورسٽي ٽرسٽ کي عطيو ڪئي ۽ هي مبينا معاهدو بحريا ٽائون ۽ عمران خان جي زال بشريٰ بي بي جي وچ ۾ ٿيو ھو.

نيب پاران داخل ڪيل ريفرنس  اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي دور ۾ 6 نومبر 2019 تي برطانيه جي نيشنل ڪرائم ايجنسي سان هڪ ڊيڊ  ٿي. رقم جي پهرين قسط نومبر 2019  تي سپريم ڪورٽ جي اڪائونٽ ۾ منتقل ٿي چڪي هئي.جڏھن تھ وفاقي ڪابينا کان ان ڊيڊ جي منظوري 3 ڊسمبر 2019 تي ورتي وئي پر ڪابينا نه ٻڌايو ويو پهرين قسط پاڪستان پهچي چڪي آهي.

نيب عملدارن موجب، ملڪ جي قانون ۾ اهو لکيل ناهي ته نيشنل ڪرائم ايجنسي ۽ ايسٽ ريڪوري يونٽ جي وچ ۾ صحيح ٿيل ڊيڊ کي پڌرو  نه ڪيو ويندو.  ريفرنس ۾  چيو ويو آهي ته برطانيه مان ايندڙ پئسا وفاقي حڪومت جي اڪائونٽ جي بدران سپريم ڪورٽ جي اڪائونٽ ۾ گھرايا ويا ۽ ملزم عمران خان وزيراعظم جي حيثيت سان  ان ۾ مدد ڪئي.ان احسان جي بدلي ۾ عطيو مليو. هن ريفرنس ۾  الزام لڳايو ويو ته 240 ڪينال زمين بشريٰ بي بي جي دوست، ملزمه فرح شهزادي جي نالي تي منتقل ڪئي وئي ۽  جڏهن ملزم زلفي بخاري جي نالي تي  رقم منتقل  ٿي هئي، تڏھن ٽرسٽ  جو وجود  ئي نه هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.