ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان شاهد آفريدي، اوپنر صائم ايوب جي چيمپيئنز ٽرافي نه کيڏڻ جي تصديق ڪري ڇڏي.
نجي ٽي وي جي پوڊ ڪاسٽ انٽرويو دوران اڳوڻي ڪپتان شاهد آفريدي انڪشاف ڪيو ته صائم ايوب سان سندن گذريل ڏينهن فون تي ڳالهه ٻولهه ٿي هئي، ان موقعي تي صائم ٻڌايو ته کيس مڪمل صحتيابي لاءِ وڌيڪ 3 هفتا لڳي سگهن ٿا، جنهن کان پوءِ سندس ري هيب جي شروعات ٿيندي.
اڳوڻي آل رائونڊر چيو ته مون کيس هڪ وڏو ڀاءُ ۽ ڪرڪيٽر جي حيثيت سان صلاح ڏني ته جيڪڏهن توکي ٿوري به تڪليف محسوس ٿئي ته جلدي نه ڪر، مڪمل آرام ڪرڻ کان پوءِ ٽيم ۾ واپسي ڪر ته جيئن انجري بعد ۾ وڌيڪ سنگين صورتحال جو منهن نه ڏسڻو پوي.
شاهد آفريدي وڌيڪ چيو ته صائم ايوب جنهن فارم۾هو، ان دوران سندس انجري پاڪستان لاءِ نقصانڪار آهي، پر افسوس اهو آهي ته اسان وٽ سندس متبادل تيار ناهي.
هن چيو ته اسان وٽ ميچ وننگ پليئرز گهٽ آهن، ان ڪري مان هر وقت بَيڪ اَپ رکڻ جو ذڪر ڪندو آهيان، پر اميد آهي ته قومي ٽيم ميگا ايونٽ ۾ بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي.
واضح رهي ته چيمپئنز ٽرافي جي شروعاتي اسڪواڊ ۾ صائم ايوب جو نالو شامل ڪيو ويو هو، جڏهن ته پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) اڃا تائين نوجوان اوپنر جي ميڊيڪل رپورٽن جو انتظار ڪري رهيو آهي ته جيئن ميگا ايونٽ ۾ سندس شرڪت بابت حتمي فيصلو ڪري سگهجي.
ٻئي پاسي صائم جي غير موجودگي ۾ اوپنر فخر زمان ۽ امام الحق جي واپسي جا امڪان وڌي ويا آهن، ٻنهي ورلڊ ڪپ 2023 دوران گرين شرٽس کي ڪيترن ئي ميچز ۾ ڪاميابي ڏيارڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو هو.
ياد رهي ته ڏکڻ آفريڪا خلاف ڪيپ ٽائون ٽيسٽ جي پهرئين ڏينهن صائم ايوب فيلڊنگ دوران انجريءَ جو شڪار ٿي ويو هو، ڊاڪٽرن شروعاتي طبي معائني کانپوءِ کيس ڇهه هفتا مڪمل آرام جو جو مشورو ڏنو هو.
You might also like