مانجهند(رپورٽ: بابو عمراڻي) سن ۾ جديد قومپرست سياست جي باني سائين جي ايم سيد جي 121 سالگرهه جون تياريون مڪمل ٿي ويون آهن، ايس يو پي، جسقم، جيئي سنڌ رهبر ڪميٽي جا 3 ڌار ڌار جلسا رٿيل آهن، جڏهن ته مانجھند ۾ اڄ قلم 144 لاڳو آهي. جديد قومپرست سياست جي باني سائين جي ايم سيد جي 121 هين سالگرهه قومي جوش سان سن ۾ ملهائي پئي وڃي جنهن جون تياريون مڪمل ڪيون ويون سن شهر کي ڪهاڙي وارن ڳاڙهن جهنڊن، پينافليڪس بينرن ۽ ايس يو پي جي جهنڊن سان ڪنوار وانگر سينگاريو ويو آهي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان قافلن جي آمد شروع ٿي وئي .سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي طرفان سيد جي دريا واري بنگلي تي جلسو ٿيندو جنهن لا۽ پنڊال تيار ڪيو ويو جلسي جي اڳواڻي سيد جلال محمود شاهه سيد زين شاهه، روشن علي ٻرڙو، منير حيدر شاھ، جگديش آهوجا ڪندا. جلسي ۾ ملڪ جا ناميارا سياستدان اديب دانشور شاعر جلسي ۾ سيد جي فڪر فلسفي تي روشني وجهندا جيئي سنڌ قومي محاذ طرفان سيد جي مزار جي سيراندي کان جلسي جو پنڊال تيار ڪيو ويو چئرمين صنعان خان قريشي امجد مهيسر جي اڳواڻي ۾ ڪارڪن سن انڊس هاءِ وي تي گڏ ٿي پيادل ريلي جي صورت ۾ حاضري ڀريندا. جسقم آريسر، جسم رياض، جست، جيئي سنڌ قومي پارٽي طرفان گڏيل پليٽ فارم جيئي سنڌ رهبر ڪميٽي پاران اسلم خيرپوري رياض چانڊيو نواز خان زنئور سورهيه سنڌي جي قيادت ۾ انڊس هاءِ وي کان ريلي ڪڍي حاضري بعد سيد جي مزار جي پيراندي کان جلسو ڪندا. جسقم بشير خان قريشي پاران ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي سرفراز ميمڻ جي اڳواڻي ۾ شرڪت ڪندا. جيئي سنڌ محاذ سهتو گروپ جي چئرمين صوفي حضور بخش جنرل سيڪريٽري علي نواز ٻٽ جي اڳواڻي ۾ ڪارڪنن سيد جي مزار تي حاضري ڀري گلن جي چادر چاڙهيندا سيد خاندان طرفان سيڪيورٽي جي سلسلي ۾ سيد جي مزار ڏانهن ويندڙ رستن تي ذاتي ماڻهون ويهاري رڪاوٽون لڳائي عام ٽريفڪ لا۽ رستا بند ڪرائي ڇڏيا آهن جيئن ڪارڪنن کي وڃڻ ۾ مشڪلاتون پيش نه اچن. ٻئي پاسي سن ۾ سائين جي ايم سيد جي سالگرهه جي موقعي تي انتظاميا رڪاوٽن جي ڪوشش ڪندي سنڌ جي مختلف ٽرانسپورٽ اڏن جي انچارجن کي سختي سان هدايتون جاري ڪندي سن ڏانهن سيد جي سالگرهه ۾ گاڏيون ڏئڻ کان روڪي ورتو آهي ڊيڪوريشن ايڪو سائونڊ تي به پابندي لڳائي وئي آهي جڏهن ته مختلف ضلعن مان وڏي تعداد ۾ پوليس نفري طلب ڪري سن شهر ۾ سمورن داخلي رستن ۽ سنڌو درياهه تي پتڻ وارن هنڌن تي ويهاري مڪمل ڪڙو چاڙهيو ويو آهي جنهن باوجود ڪيترائي ڪارڪن رڪاوٽون ٽوڙي سن پهچي ويا آهن. جيئي سنڌ قومپرست پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ دودوديشي, بشيرجمالي ۽ سبحان جتوئي ٻين اڳواڻن پريس ڪلب ۾ صحافين سان ڳالهائيندي چيو آهي ته رهبر سائين جي ايم سيد جي سالگره تي جسقپ جو مرڪزي قافلو پارٽي وائيس چيئرمين دودوديشي جي اڳواڻي ۾ 1 بجي حيدرآباد مان سن طرف روانو ٿيندو. سيد جي مزار تي حاضري ڀري ويندي.
اڄ قومي جلسي ۾ تاريخي جدوجهد جو اعلان ڪيو ويندو:صنعان قريشي
ڪراچي(پ ر) جيئي سنڌ قومي محاذ جي چيئرمين صنعان خان قريشي سائين جي ايم سيد جي سالگرھ جي سلسلي ۾ جسقم مرڪزي انفارميشن سيڪريٽري ديدار شام سان گڏ رات ئي سن پهچي ويو، صنعان خان قريشي ڳالهائيندي چيو ته سائين جي ايم سيد جي سالگرھ کان پوءِ علي آباد جي ڪچي ۾ ٿيل کوسن ۽ ماڇين جي تڪرار کي ختم ڪرڻ لاءِ منٿ ميڙ قافلو وٺي ويندس، ڇاڪاڻ ته سنڌ ۾ ٻڌي ۽ اتحاد جي ضرورت آهي، هن چيو ته سائين جي ايم سيد جي سالگرھ واري قومي جلسي جي اديبن ،دانشورن، ليکڪن ،ڪالم نگارن سميت سڄي قوم کي شرڪت جي دعوت ڏيان ٿو،سيد جي 121هين سالگرھ جي قومي جلسي ۾ سنڌو درياھ مٿان ٺهندڙ سمورن ڪينالن کي رد ڪيو ويندو ۽ سڄي سنڌ ۾ تاريخي جدوجهد جو اعلان ڪيو ويندو.
سائين جي ايم سيد سنڌ جي روشن مستقبل جي ضمانت آھي:رياض چانڊيو
حيدرآباد(پ ر) جيئي سنڌ محاذ جو اجلاس ھتي سخي ستارڏنو چولياڻي ھائوس تي محاذ سربراھ رياض علي چانڊيو جي صدارت ھيٺ ٿيو اجلاس ۾ 17 جنوري تي سن ۾ رھبر سنڌ سائين جي ايم سيد جي ٿيندڙ سالگرھ وارين تقريبن جو جائزو ورتو ويو اجلاس ۾ چيو ويو تـ سيد جي سالگرھ جيئي سنڌ رھبر ڪميٽي پاران گڏيل طور ملھائي ويندي ان سلسلي ۾ تياريون مڪمل ڪيون ويون آھن اجلاس ۾ ڳالھائيندي جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض علي چانڊيو چيو ته سائين جي ايم سيد سنڌ جي روشن مستقبل جي ضمانت آھي سندس جنم ڏھاڙو قومي اتحاد ۽ ايڪي جي اظھار جي علامت آھي هن چيو ته سڄي سنڌ ۾ جيئي سنڌ محاذ جي ورڪرن لاء ڌرتي تنگ ڪئي وئي آھي جنھن جي مذمت ڪريون ٿا اسين پڇون ٿا ته سنڌ تباھ ڪندڙ رشوت خورن ڪرپٽن ۽ لٽيرن جي خلاف بـ قانون ڪڏھن حرڪت ۾ ايندو؟ جيئي سنڌ محاذ جي پڌرائي موجب سائين جي ايم سيد جي 121 ھين سالگرھ جي سلسلي ۾ (اڄ ) جيئي سنڌ رھبر ڪميٽي جي قيادت 2 بجي سيد جي مزار تي پھچي حاضري ڀري گلن جي چادر چاڙھيندي جنھن بعد مزار جي پيراندي کان جلسو شروع ٿيندو جنھن کي سنڌ جا قومپرست ۽ دانشور خطاب ڪندا