ڪمپني سرڪار پاڻي، وسيلن تي والار پئي ڪري: زين شاهه

ڪراچي(رپورٽر)جماعت اسلامي سنڌ جي هڪ اعلى سطحي وفد سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ جي اڳواڻي ۾ جي ايم سيد ايڊيفيس ڄامشورو  پهچي سنڌ يوناٽيڊ پارٽي جي صدر ۽ ”درياهه بچايو تحريڪ“ جي ڪنوينر سيد زين العابدين شاهه سان ملاقات ڪئي. ٻنهي اڳواڻن سنڌ ۾ بدامني جي باهه، ڌاڙيل راڄ، پاڻي تي ڌاڙي سميت سنڌ جي صورتحال ۽ گڏيل دلچسپي جي مامرن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وفد سيد زين شاهه کي جماعت اسلامي طرفان 26 جنوري تي حيدرآباد ۾ ” سنڌو سنڌ جي جياپي جو ذريعو، درياهه سنڌ ۽ زراعت کي درپيش خطرا ۽ ان جو حل“ جي سري هيٺ رٿيل پاڻي ڪانفرنس ۾ شرڪت جو پڻ دعوت نامو ڏنو جيڪو هن قبول ۽ شرڪت جو پڻ يقين ڏياريو. ملاقات بعد پريس بريفنگ ۾ سيد زين شاهه ڳالهائيندي چيو ته پيپلزپارٽي کي سنڌ ۾ چوٿون ڀيرو اقتدار ڏيڻ جي بدلي ڪمپني سرڪار سنڌ جي پاڻي زمين توڙي قومي وسيلن جي ولار ڪري رهي آهي، ڪاشف سعيد شيخ چيو ته سنڌوءَ مٿان ڇهه نوان ڪينال ٺهڻ کان پوءِ بدين، ٽنڊومحمد خان، ٺٽي ۽ ڪراچي ۾ پاڻي جو وڏو بحران جڏهن ته سنڌ جي زراعت مڪمل طور تي تباهي جو شڪار ٿي ويندي سنڌ ڪابينه پاران 10لک ايڪڙ زمين جو ڳجهه ڳوهه ۾ سودو ۽ سامونڊي پٽي ڪمپني کي ڏيڻ جي سخت مذمت ڪريون ٿا،” پاڪستان کپي“ جو نعرو لڳائيندڙ صدر زرداري اصل ۾ عملي طور سڄي سنڌ کپائي ڇڏي آهي، سنڌ جي وسيلن کي نيلامي جو وکر بڻايو پيو وڃي. ان موقعي تي روشن علي ٻرڙو، امداد الله بجاراڻي، علامه حزب الله جکرو، مولانا عبدالوحيد قريشي، حافظ طاهر مجيد، سهيل شارق، حنيف شيخ ۽ ٻيا مقامي اڳواڻ پڻ موجود هئا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.