ڪراچي (رپورٽر) سنڌ حڪومت بيڪار گاڏيون هڪ مهيني ۾ نيلام ڪرڻ ۽ ڪراچي جي سرڪاري ملازمن لاءِ اي وي گاڏيون خريد ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو. سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جي صدارت هيٺ سان ڪابينا جي بچت بابت ماتحت ڪميٽي جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ صوبائي وزيرن سعيد غني، ضياءُالحسن لنجار، علي حسن زرداري ۽ ٻين کاتن جي سيڪريٽرين شڪت ڪئي. ان موقعي تي مختلف کاتن جي سيڪريٽرين سرڪاري گاڏين بابت 10 سالن جو رڪارڊ پيش ڪيو. شرجيل انعام ميمڻ اجلاس ۾ ڳالهائيندي چيو ته اي وي گاڏيون خريد ڪرڻ سان حڪومت کي فائدو ٿيندو، پي او ايل جي بچت ٿيندي، ان جي نيلامي ۾ به سولائي ٿيندي. هن چيو ته حڪومت عوامي وسيلن جي استعمال ۾ شفافيت ۽ احتساب کي يقيني بڻائڻ لاءِ پرعزم آهي. سرڪاري گاڏين جو اجايو استعمال ڪندڙن کي سختي سان چئون ٿا ته حڪومتي حڪمن تحت گاڏيون واپس ڪن. سعيد غني چيو ته نيلامي اهم آهي، اجاين خرچن ۾ گهٽتائي آڻي سگهبي. ضياءُالحسن لنجار چيو ته بيڪار گاڏين جي نشاندهي ۽ حڪومتي پاليسين تي عمل لاءِ تيزي سان ڪم ڪيو پيو وڃي.