جڏهن ٿر تي برکا رت جي پهرين برسات پوندي آهي، ته ٿر جي وارياسي پٽ جو واس سڄي ماحول کي خوشبودار بڻائي ڇڏيندو آهي، تيئن ئي ٿر جي ريگستان ۽ برپٽ ۾ ڪيئي شخصيتون پنهنجي عمل ۽ شعور سان اتان جي سماجي تاڃي پيٽي کي خوشگوار بڻائي ڇڏينديون آهن، هر ٿر واسي جيئن ساوڻي جي برسات کانپوءِ مهڪندڙ مٽي سان پيار ڪندي پاڻ وڃائي ويھندو آهي، تيئن ئي ٿر جي ذهن کي سيراب ڪندڙ ڪردارن لاءِ به سندن جيءُ ۾ قدر جا ڪيئي باغ ۽ ڦلواڙيون ھر وقت مهڪنديون رھنديون آهن.
هونئن ته ٿر ۾ ڪافي ڪردار سماجي خدمت توڙي شعوري آبياري ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي پنهنجو نالو تاريخ جي ورقن ۾ نمايان درج ڪرائي ويا آهن، پر سائين سچل جنجهي جو ڪردار ان ڪري به ٻين کان مختلف ۽ منفرد آهي، جو هن علم ۽ شعور جي لاٽ پنهنجي گهر کان شروع ڪندي، پنهنجي خاندان کي ان لاءِ وقف ڪري ڇڏيو. هن ان وقت ۾ پنهنجي ڳوٺ ۽ آس پاس جي ڳوٺن جي ٻارڙن کي تعليم ڏيارڻ لاءِ اڻ ٿڪ محنت ۽ جدوجهد ڪئي، جڏھن ٻهراڙي جي ماڻھن لاءِ تعليم پرائڻ يا تعليم ڏيڻ ڪو ايترو آسان ڪم نه ھو. ان وقت ۾ آس پاس جي ڳوٺن جي شاگردن کي سائين سچل جنجھي پنهنجي گهر ۾ چونئرا ٺاهي نه صرف انهن جي رهائش، هنڌ بستري، ماني ٽڪي يا علاج جو ذمو پاڻ کنيائين، بلڪه سندن شعوري تربيت لاءِ به سدائين پيش پيش رھيو. سندس شريڪ حيات امان مينھن ٻائي انهن شاگردن جي ماني پنهنجي هٿن سان ٺاهيندي خوشي محسوس ڪندي هئي.
انهن ٻنھي سچار زال مڙس، اوسي پاسي جي شاگردن سان پنهنجي اولاد وانگر سلوڪ اختيار ڪندي سندن تعليم ۽ تربيت کي ڄڻ پنھنجي زندگي جو اصل مقصد ئي بنائي ڇڏيو ھو. ان دور ۾ نياڻين جي تعليم جو رجحان علائقي ۾ تمام گهٽ هو، سائين سچل جنجهي نه صرف پنهنجي پٽن کي پر پنهنجي نياڻي کي به تعليم ڏياري جڏھن ته ھڪ نئين روايت جو بنياد رکندي پنھنجي جيون ساٿياڻي امان مينھن ٻائي کي به اسڪول ۾ سندس ئي ڌي سان گڏ داخلا ڏياري هڪ مثال قائم ڪيو. 1963ع ۾ امان مينھن ٻائي فائنل پاس ڪري ڳوٺ جي ئي گرلز اسڪول ۾ ماستر ٿي ڳوٺ جي نياڻين کي تعليم ڏيڻ شروع ڪيائين. سائين سچل جنجھي کي ان وقت ڳوٺ وارن تمام گهڻا طعنا ڏنا ته هو زال جي ڪمائي کائي ٿو پر هن ڪنهن جي به پرواهه نه ڪئي ۽ پنهنجي ڌيءَ مارئي کي به پرائمري استاد طور گرلز اسڪول ۾ نوڪري وٺي ڏني.
ان مان ثابت ٿئي ٿو ته سائين سچل جنجهي ان وقت به صنفي برابري جو قائل هو. هن نه صرف پنهنجي اولاد کي تعليم ڏياري پر ٿر جي ڪيترن ئي غريب شاگردن کي پنهنجي خرچ تي تعليم ڏياري جيڪي اڳتي هلي وڏن وڏن عهدن تي فائز ٿيا. سائين سچل جنجهي جي بي لوث محنت سان سندس ڳوٺ ۾ پرائمري اسڪول قائم ٿيو، ان ئي اسڪول کي مڊل اسڪول جو درجو ڏياريائين بعد ۾ اتي هاءِ اسڪول به منظور ڪرايائين، ايتري قدر جو جڏهن اسڪول جي عمارت لاءِ علائقي واسين کان سرڪار پلاٽ گهريو ته ڪنهن ڳوٺاڻي پلاٽ نه ڏنو ته هن سخي مرد پنهنجي ڪل ملڪيت اباڻي سروي زمين اسڪول لاءِ وقف ڪري ڇڏي. اڳتي هلي ان اسڪول کي استاد محمد سچل جنجهي جي نالي سان منسوب ڪيو ويو آھي.
سائين سچل جنجهي جي شعور لاءِ ٻاريل لاٽ دنيا جي پيڙھيل طبقن کي ڪامريڊ ڄام ساقيءَ جھڙو اڻ وسرندڙ ۽ اورچ ڪردار ڏنو، جنھن پنھنجي سموري زندگي دنيا جي پيڙھجندڙ طبقي جي آجپي ۽ خوشحالي جا نه صرف خواب ڏٺا بلڪه انھن خوابن جي ساڀيان لاءِ سدائين رياستي عذاب خانن ۾ پنھنجي زندگي گذارڻ کي پنھنجو فخر سمجھيو. ضرورت ان ڳالھه جي آھي ته اسان پنھنجي آسپاس سائين سچل جنجهي جھڙن شاندار ڪردارن جي ڇڏيل راھ تي مشعلون ٻاري ايندڙ نسلن جو مستقبل روشن ڪريون.