ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس محمد اقبال ڪلهوڙي جي ٻه رڪني بئنچ ۾توھين عدالت واري ڪيس ۾ ھڪ ڀيرو ٻيھر اسٽيل ٽائون پوليس اسٽيشن جي ايس ايڇ او آغا رشيد ۽ چار پوليس اھلڪارن تي ٺٽي جي ساحلي پٽي ڪيٽي بندر جي رھواسڻ سارا سمون جي قتل جي ايف آءِ آر داخل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو ،عدالت چيو ته ڪيس داخل ڪري فوري عدالت ۾ ايف آءِ آر جي ڪاپي جمع ڪرائي وڃي .عدالت ۾ درخواستگذار جي وڪيل اشرف سمون چيو ته ڪيٽي بندر جي ڳوٺ احمد سمون واسڻ مسمات سارا سمون اسٽيل ٽائون پوليس انڌا ڌنڌ فائرنگ ۾ قتل ٿي ھئي، جڏھن ته سندس نياڻي غنوا سمون سخت زخمي ٿي ھئي جنھن جو ڪيس عدالت ۾ ھلندڙ ھو جنھن تي عدالت فيصلو ڏيندي ايس ايڇ او آغا رشيد ۽ چار اھلڪارن خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرڻ جو حڪم ڏيئي ڇڏيو آھي.